ٽي سي ايل دنيا جو سستون ترين فولڊ ايبل فون پيش ڪري ڇڏيو

ٽي سي ايل طرفان ڪيترن ئي ورهين کان فولڊ ايبل فونز جا پروٽوٽائيپ ماڊل پيش ڪيا پيا وڃن پر ها هيل تائين واهپيدارن لاءِ ڪا به فون پيش ناهي ڪئي وئي.

ٽي سي ايل هيل تائين سڀ کان سستو فولڊ ايبل سمارٽ فون فليڪس وي متعارف ڪرايو آهي.

لاس ويگاس ۾ هر سال ٿيندڙ ٽيڪنالوجي نمائش جي موقعي تي ٽي سي ايل ان فون کي پيش ڪيو.

اها فون ڊزائين جي لحاظ کان سام سنگ جي گيليڪسي زي فلپ 3 سان ملندڙ جلندڙ آهي ۽ مڊرينج فيچرز سان ليس آهي.

ٽي سي ايل فليڪس وي ۾ ڪوالڪوم جو سنيپ ڊراگون 765 جي پراسيسر موجود آهي جيڪو 2020ع ۾ مڊرينج سمارٽ فونز لاءِ مشهور ترين پراسيسر هو.

فون ۾ ڊوئل ڪيمرا سيٽ اپ آهي جيڪا 48 ميگا پڪسل مين ۽ 16 ميگا پڪسل ڪيمرائن تي ٻڌل آهي، فون ۾ سيلفي لاءِ 44 ميگا پڪسل ڪيمرا ڏني وئي آهي.

فون جي ڊسپلي ۽ ريفريش ريٽ بابت ڪمپني وڌيڪ تفصيل ناهن ٻڌايا.

ان جي اندر 3545 ايم اي ايڇ بيٽري موجود هوندي.

اها فون اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪندي پر امڪان اهو ئي آهي ته ان دستيابي کان پوءِ اهو اينڊرائيڊ 12 آپريٽنگ سسٽم سان ليس هوندو.

ڪمپني طرفان اڃا فون جي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو پر واعدو ضرور ڪيو ويو آهي ته اهو دنيا جو سستو ترين فولڊ ايبل سمارٽ فون هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.