ٽنڊي آدم ۾ صحافين سميت 18 ڄڻا ڪيس مان بري

ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) ٽنڊو آدم ۾ سماجي براين جي خلاف پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران پوليس خلاف ڪيل احتجاج  تي  سٽي پوليس ٻن صحافين ۽ پاسبان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت 18 ڄڻن  تي داخل ڪيل دهشتگردي جو ڪيس ڪوڙو ثابت ٿيڻ تي دهشتگردي ٽوڙ ڪورٽ شھيد بينظير آباد  18 ڄڻن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو سڀ اڳ ۾ ئي ضمانت تي آزاد ٿيل هئا واضع رهي ته سٽي پوليس جي اڳوڻي ايس ايڇ او مقصود رضا مڱڻھار  23 سيپٽمبر 2021 تي ٻن صحافين عبدالله بهڻ ، غلام جيلاني ۽ پاسبان اڳواڻن سلطان خاصخيلي ، سليم چيما ، راول هنڱورو ، صديق چيما ، حفيظ چيما ، اسماعيل چيما ، غلام قادر هنڱورو ، رمضان انصاري ، سميت 18 ڄڻن تي ڀڃ ڊاھ ۽ دشتگردي جو ڪيس داخل ڪري ٻن صحافين سميت 8  ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو جيڪو دهشتگردي ٽوڙ عدالت شھيد بينظير آباد ۾ هلندڙ ھو جتي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 18 ئي ڄڻن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو  هوڏانهن ڪيس مان باعزت ڀري ٿيڻ جي خوشي ۾ پاسبان  پاران ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي خوشي ۾ ڪارڪنن جهمريون هنيون ويون ان موقعي اڳواڻن سلطان خاصخيلي ، سليم چيما ۽ ٻين  چيو ته سماجي براين جي نشاندهي ڪرڻ ۽ آواز اٿارڻ تي سٽي پوليس اسان کي خاموش ڪرڻ لاء ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو عدالت مان انصاف مليو جيڪا حق ۽ سچ جي فتح  آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.