وچ ايشيائي رياستن کي پاڪستاني روانگي واپار ۾ 173 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو آهي ته وچ ايشيائي رياستن کي پاڪستاني روانگي واپار ۾ 173 سيڪڙو واڌ، سلڪ روٽ ري ڪنيڪٽ انيشيئٽو جا نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته هلندڙ مالي سال وچ ايشيائي رياستن کي پاڪستان جي روانگي واپار ۾ 173 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ٿي آهي. هن چيو ته گذريل مال سال جولاءِ کان ڊسمبر تائين وچ ايشيائي رياستن کي 49 ملين ڊالرن جو روانگي واپار ٿيو هو، جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ روانگي واپار 134 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. هن چيو ته سال 2021ع ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جي حوالي سان ازبڪستان ۽ تاجڪستان ۾ ڪانفرنسون ڪيون ويون، انهن ڪانفرنسن ۾ ٻه طرفي طور بئنڪن جا برانچ کولڻ جي پڻ ڳالهه ٿي هئي، جڏهن ته ازبڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي سال 2021ع ۾ صحيحون ڪيون ويون. هن چيو ته ازبڪستان، افغانستان ۽ آذربائيجان سان پريفريشنل ٽريڊ معاهدن (پي ٽي اي) تي ڳالهيون جاري آهن. هن چيو ته آذربائيجان، افغانستان، قزاخستان ۽ تاجڪستان سان پڻ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي ڳالهيون مڪمل ٿي چڪيون آهن. ٽرڪن جي آمدورفت لاءِ پڻ اسان ايڊوانس اسٽيج تي آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.