ڪورنگي ۾ گئس جي ڊگهي بندش، شهرين جي ريلي

ڪورنگي (رپورٽ : اميرجان چانڊيو) ڪورنگي ۾ غير قانوني طور گئس جي بندش خلاف سوين ماڻهن پاران ٽاگل ويلفيئر ايسوسيئيشن .ليدر ٽرينر شيور چڪرم آپريٽر ويلفيئر ايسوسيئيشن .آل هوزري گارمينٽس ليبر اتحاد جي سڏ تي گلزار ڪالوني کان هٿن ۾ بينر کڻي احتجاج ڪري 6 ڪلو ميٽرن تائين پيادل احتجاجي مارچ ڪري گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف سخت نعري بازي ڪندي ويٽا چورنگي. چمڙا چورنگي کان ٿيندي گودام چورنگي تائين مظاهرو ڪيو سوين ماڻهن جي احتجاجي مارچ سبب ويٽا کان گودام چورنگي تائين ٽريفڪ جام ٿيڻ ڪري روڊ سان مسافر توڙي مالبردار گاڏين جو قطارون لڳي ويون احتجاج ڪندڙن گودام چورنگي وٽ گئس آفيس اڳيان پهچي ڌرڻو هنيو.ان موقعي تي تاج محمد. رانا محمد يونس. محمد الياس . جميل آرائين سميت ٻين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪورنگي ۾ مسلسل گئس جي بندش سبب رهواسي سخت پريشاني جو شڪار آهن جڏهن ته صبح. منجهند توڙي رات جو اڪثر بند رهي ٿي جنهن ڪري صبح کان فيڪٽري ورڪرز. پورهيت . نوڪري پيشا ماڻهو توڙي اسڪولي ٻارڙا گهران بک تي بغير ناشتي نڪرڻ تي مجبور آهن جڏهن ته منجهند توڙي رات جو پڻ ساڳئي صورتحال آهي گئس جي غير قانوني لوڊشيڊنگ سبب گهرن اندر رڌ پچاء مشڪل بڻجي ويو آهي هر وقت هوٽل تان کاڌو خريد ڪرڻ يا گئس سلينڊر استعمال جو استعمال هر ماڻهو جي وس کان ٻاهر آهي جنهن سبب ماڻهو بکون کاٽڻ تي مجبور آهن جڏهن ته گئس جي بندش سبب ڪارخانن جو ڪم متاثر ٿي رهيو آهي هڪ طرف ماڻهو لاء ٻه ويلا ماني کائڻ محال آهي ته ٻئي طرف بيروزگاري سندن زندگي اجيران ڪري ڇڏيو آهي .سندن وڌيڪ چوڻ هو ته وفاقي حڪومت گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي عذاب ۾ مبتلا ڪري پنهنجي ناڪامي جو ثبوت ڏنو آهي عوام نيازي سرڪار کان تنگ اچي روڊن تي نڪري سراپا احتجاج آهي هنن گهر ڪئي آهي ته گئس جي بندش غيرقانوني لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.