وزيراعظم جي ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل جو شهباز شريف جي بيان تي ردِعمل

اسلام آباد  (اي پي پي) وزيراعظم جي ترجمان ۽ سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪندڙ قانون پڙهائي رهيا آهن، پورو ٽبر لُٽي ڦرلٽ ۾ ضمانتي جڏهن ته ان جون شوبازيون عروج تي آهن. اهڙو اظهار هن شهباز شريف جي بيان جي ردِعمل ۾ ڏنو. هن چيو ته ڪڏهن پنهنجي مني لانڊرنگ جي تحقيقاتي رپورٽ پڻ پڙهي وٺو، پُٽن سان ملي ڪري ملازمن جي نالي تي بليڪ مني کي وائيٽ ڪرائڻ ننڍي ميان جو مشغلو رهيو آهي. اڄ ميڊيا تي قانون ۽ انصاف جو پٽڻو پٽيندڙ قانون جا ڀڳوڙا آهن.هن چيو ته پاڪستان قانون کي جتي جي نوڪ تي رکندڙ آل شريف مڪافات عمل جو شڪار آهن، سَند يافته ڪُوڙن ۽ جعلسازن جو وزيراعظم جي ڪرسي حاصل ڪرڻ جو خواب آهي. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته ننڍو ميان روزانو وزيراعظم بڻجڻ جا خواب ڏسي رهيو آهي، جعلسازن ڪڏهن به ان ڪرسي کي حاصل نه ڪري سگهندو، وزيراعظم عمران خان کي اعليٰ عدليه صادق ۽ امين قرار ڏنو

  • ڄمون ۽ ڪشمير ڪو علائقائي تڪرار نه آهي پر اڳوڻي رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جو معاملو آهي: چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير ڪو علائقائي تڪرار نه آهي پر اڳوڻي رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جو معاملو آهي، ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار انساني الميي، سياسي تباهي ۽ فاشٽ ڀارتي حڪومت پاران معصوم ڪشميرين جي نسلن جي انساني حقن کان مسلسل انڪار جو اداس چهرو پيش ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن برلن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي اهتمام هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير يوم حق خود اراديت جي حوالي سان ويبنار کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ڀارتي ظلم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حدن کان نڪري پوري ڀارت ۾ پکڙجي ويا آهن ڇو ته ڀارت جي اندر به بي جي پي حڪومت ۾ اقليتن کي اهڙي ئي صورتحال درپيش آهي. انهن حالتن وزيراعظم عمران خان جي علائقائي رابطن ۽ خوشحالي جي ويزن جي رستي ۾ رڪاوٽون اڀيون ڪري ڇڏيون آهن جنهن جي ڪري خطي جا اربين ماڻهو مصيبتن جو شڪار آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.