ڏوڪري ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو، ڇاپا، هٿ آيل ڀاڻ من پسندن ۾ وڪرو

ڏوڪري ( رپورٽ: قاضي آفتاب ) ڏوڪري تعلقي ڀاڻ جي واپارين جي هڪ هٽي قائم ڪري ڇڏي آهي،   ڀاڻ سرڪاري اگھه تي وڪرو ڪرڻ بدران 28 سو  کان 3 هزار تي ڀاڻ جي في ٻوري وڪرو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آبادگارن جي شڪايتن تي اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري محمد ماجد الطاف، اسٽنٽ مختيار ڪار سائين بخش ڪولاچي، سئينر ڪلارڪ قاضي سڪندر سپاھ سميت ڀاڻ جي واپارين تي ڇاپو هڻي يارهين سو ڀاڻ جون ٻوريون هٿ ڪري آبادگارن کي سرڪاري اگھه تي 18 سو روپين تي وڪرو ڪيون. ان موقعي تي اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري محمد ماجد الطاف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  واپاري  ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا هئا ته آبادگارن جي شڪايتن تي ڪارروائي ڪري سرڪاري اگھه تي ڀاڻ وڪرو ڪرايو آهي، هن وڌيڪ چيو ته من پسند آبادگارن کي ڀاڻ وڪرو ڪرڻ جا الزام اجايا آهن آبادگارن جو رڪارڊ چيڪ ڪري ڀاڻ واپارين کان ڏياري رهيا آهيون. هن چيو ته رڪارڊ بنا ڪنهن کي به سرڪاري اگھه تي ڀاڻ ناهيون ڏئي رهيا، هوڏانهن آبادگارن جو چوڻ آهي ته   واپاري ڀاڻ جي في ٻوري 28 سوُ کان 3 هزار ۾ بليڪ تي ڏئي رهيا آهن، ڀاڻ نه ملڻ ڪري اسان جي ڪڻڪ جو فصل متاثر ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته ڀاڻ جو وڪرو بااثر ۽ من پسند آبادگارن کي سستي اگهن ۾ ڏئي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ڀاڻ جي واپارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.