سول اسپتال سکر ۾ مريضن کي بيهوش ڪري چوري جون وارداتون ڪرڻ جي الزام ۾ نرس پوليس حوالي

سکر  (رپورٽر) سول اسپتال سکر ۾ مريضن کي بيهوش ڪري چوري جون وارداتون ڪرڻ جي الزام ۾ نرس کي پوليس حوالي ڪيو ويو آھي. خبر موجب سکر جي سول اسپتال ۾ مريض عورتن کي بيهوش ڪري سونا زيور ۽ ٻيو سامان چوري ڪندڙ نرس مبينا طور تي واردات ڪندي پڪڙجي پئي. وٽائنس نشي آوار انجيڪشن هٿ ڪئي وئي آھي  ان ڏس ۾ سول اسپتال انتظاميا سکر جو چوڻ آھي ته پراڻي سکر نصرت ڪالوني نمبر 6 انصاري پاڙي جي رهواسڻ عورت مسمات (ر) کي سول اسپتال ۾ داخل مريضن کي نشي واري انجيڪشن هڻندي پڪڙيو ويو آھي ۽ ان وٽان نشي واري انجيڪشن پڻ ھٿ ڪئي آھي. پڪڙيل عورت کي سي سيڪشن ٿاڻي پوليس حوالي ڪيو ويو آھي.

  • برطانيه ۾ اوميڪرون جي ڪيسن جو انگ 14 ملين ٿي ويو

لنڊن (اي پي پي) برطانيه ۾ ڪووڊ جي نئين 19 ويرينٽ اوميڪرون جي ڪيسن جو انگ 14 ملين ٿي ويو آهي. برطانوي سرڪاري انگن اکرن مطابق برطانيه ۾ 24 ڪلاڪن دوران 179756 ڪورونا وائرس جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن سان ملڪ ۾ اوميڪرون جي ڪيسن جو ڪل انگ 14015065 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 231 ماڻهو فوت ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. برطانيه ۾ ڪووڊ 19 سبب ٿيل فوتگين جو انگ 149515 ٿي ويو، جڏهن ته ڪووڊ 10 جا 17988 مريض اڃا به اسپتال ۾ داخل آهن. يو ڪي هيلٿ سيڪيورٽي ايجنسي جي تازا ترين انگن اکرن ۾ وڏي عمر جي ماڻهن خاص طور تي 85 سالن کان وڌيڪ جي ماڻهن جي اسپتالن ۾ داخلا ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي آهي

  • احساس پروگرام تحت غريب ماڻهن جي مدد ڪئي: سينيٽر فيصل جاويد

اسلام آباد (اي پي پي) تحريڪ انصاف جي سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته مخالف ڌر ضمني بجيٽ تي قوم کي گمراهه ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ کان پهرين /ڏسو صفحو 2 ڪالم 6

پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومتن آءِ ايم ايف کان قرض ورتا، ضمني مالياتي بل 2021ع سان اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيندو، جمعي ڏينهن سينيٽ ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته مخالف ڌر صمني بجيٽ تي قوم کي گمراهه ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ کان پهرين پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي حڪومتن آءِ ايم ايف کان قرض ورتو ان قرض جو ماپو 82 سيڪڙو آهي، آءِ ايم ايف چيو ته 1700 ارب ٽيڪس لڳايو وڃي، جڏهن ته اسان صرف 342 ارب ٽيڪس لڳايو جنهن مان صرف 70 ارب ري فنڊ نٿو ٿي سگهي، ان سان غريبن تي ڪو به اثر نه پوندو، معيشت دستاويزي شڪل ۾ آڻڻ ۾ مدد ملندي، اوڳاڙين ۾ اضافي سان غريب عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته 2008ع تي قرض 6 هزار ارب هيو، 2018ع ۾ 30 هزار ارب تي پهچي ويو، 10 سالن ۾ ملڪ جو ڪٻاڙ خانو ڪيو ويو، 2018ع ۾ معيشت زوال پذير ٿي، غريب جون حالتون خراب ٿيون، جڏهن ته انهن جون حالتون بهتر ٿيون، انهن جي ٽي ٽيز آهن، ڪاروبار وڌيو، اهو ڪالهه جو پاڪستان هو، اڄ جي پاڪستان ۾ ادارن جي خسارن تي ضابطو آندو پيو وڃي،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.