پاڪ افغان سرحد خاردار تار لڳائڻ تي ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيش آيون: پرڏيهي وزير

ملتان (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪ افغان سرحد خاردار تار لڳائڻ تي ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيش آيون، شهادتون بهٿيون پر اها خاردار تار ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته وڏي عرصي کانپوءِ افغانستان جي معاملي تي مسلمان امت کي گڏ ڪيو جنهن جو مقصد افغان عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪو به حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائڻ چاهي ٿو شوق سان هلائي اسان کي ڪو به خطرو نه آهي.پرڏيهي وزير چيو ته ملتان ۾ ترقياتي منصوبن کي جلد پچاڻي تائين پهچايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته صحت ڪارڊ سان عوام کي طبي سهولتون بنا فرق جي فراهم ڪيون وينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.