ٺٽي جي قديم ڳوٺن کي سهولتون نه مليون، پورهيت مزاحمت جو احتجاج

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽي جي قديمي ڳوٺن کي بنيادي سھولتون نه ڏيڻ خلاف پورھيت مزاحمت پاران ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي. احتجاجي مظاھري کي خطابڪندي ڳوٺاڻن ۽ پورھيت مزاحمت جي اڳواڻن اعجاز جاکرو، عبدالجبار ڀنڀرو، غلام علي جاکرو، ذاڪر شاھ، لطف علي ھالو، سلمان جاکرو، ياسر جاکرو، دوست علي لغاري، خميسو ۽ ٻين چيو ته قديمي ڳوٺن لاکو ڀنڀرو، رمضان ھيجب، ليمون دفراڻي سميت ٻين جا لنڪ روڊ رستا پلون تباھ حال آھن، اسڪول جون عمارتون به زبون حال آھن، نه پيئڻ جو صاف پاڻي ٿو ملي نه وري بنيادي تعليم مھيا ڪـئي ٿي وڃي. ھنن چيو ته اسان جي ڳوٺن جي آسپاس ڪريش پلانٽ لڳائي ھڪ طرف جبلن جو فطري حسن تباھ ڪيو پيو وڃي ۽ ٻي طرف ڳوٺاڻن جو سڪون برباد ڪيو پيو وڃي. چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ اچن ٿا پر اسان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار ناھن.  ھنن مطالبو ڪندي چيو ته اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.