جسٽس عائشه ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ پهرين عورت جج طور مقرري پاڪستان ۾ عورتن لاءِ هڪ وڏو قدم آهي: ڊاڪٽر شيرين مزاري

اسلام آباد-7 جنوري (اي پي پي) انساني حقن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عائشه ملڪ جي پهرين عورت جج طور مقرري پاڪستان ۾ عورتن لاءِ هڪ وڏو قدم آهي. جمعي ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ هن جسٽس عائشه ملڪ کي مبارڪون ڏيندي چيو ته جسٽس عائشه ملڪ جو لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج طور هڪ مثالي رڪارڊ آهي. هن وڌيڪ چيو ته عورت ججن کي سپريم ڪورٽ ۾ ترقي ڏيڻ لاءِ هي پهريون نمايان قدم آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.