سکر شهر ۾ چوري ۽ ڦر جون وارڌاتون نه رڪيون، واقعا معمول

سکر(رپورٽر) سکر شھر ۾ چورين ۔ڦرن جون وارداتون رڪجي نه سگهيون چوريون ۽ ڦر واقعا روز جو معمول بڻيل سکر پوليس عوام جي مال جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام پوليس ڪاروائيون عوام لاءِ بي لاڀ ٿي ويون ان ڏس ۾ اڻڃاتل چور سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد واري تڙ روڊ تي بيٺل ڪنڌ ڪوٽ جي رهواسي ميان بخش ولد آچر خان جکراڻي جي ڊاٽسن چور ڪاهي فرار ٿي ويا ڊاٽسن مالڪ پاران حد ٿاڻي تي رپور داخل ڪرائي ڇڏي آھي سندس چوڻ هو ته ڊاٽسن کي بيهارڻ بعد لاڪ ڪري خريداري لاءِ بازار وياسين ته واپس اچي ڏٺو ته ڊاٽسن موجود نه هئي، سکر شھر ۾ هاڻي موٽر سائيڪلين۔موٽر ڪارن،، رڪشائن کانپوءِ  لوڊر وڏين گاڏين جون به چوريون ٿيڻ لڳيون جنهن سبب شھرين ۽ واپارين جو مال به محفوظ ناهي رهيو جڏهن ته گزريل ڏينهن نامعلوم ڦورن عبدالباقي ڊومڪي نالي شخص کان ساڍا چار لک ڦري آ ساني سان فرار ٿي ويا ۔شھرين ۽ واپارين ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر کان ڏوهي وارداتن تي ضابطو آڻڻ جي گهي ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.