لاڙڪاڻي لڳ مبينا پوليس مقابلو، رتوديرو واسي مارجي ويو، لاش رکي ڌرڻو

لاڙڪاڻو / رتوديرو ( ڊر + ن ع آ ) رتيديري لڳ ڳوٺَ باهو خان ڪوش جي رهواسي لاڙڪاڻو پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل جي وارثن جو رتوديرو ، شھدادڪوٽ مين روڊ تي لاش رکي ڌرڻو پوليس خلاف نعريبازي انصاف جي گهر، خبر موجب رتيديري لڳ ڳوٺ باهو خان ڪوش جو رهواسي 28 ورهين جو غلام فريد ڪوش گذريل ڏينهن لاڙڪاڻو پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو ھو جنهن جو لاش سندس جا وارث کڻائي پنهنجي ڳوٺ ڀرسان رتوديرو ، شھداد ڪوٽ روڊ تي رکي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ان موقعي تي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل جي پيءُ لڌو خان ڪوش  ۽ سندس ماءُ رحيمان خاتون ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته منهنجو پٽ غلام فريد لاڙڪاڻي جي حسيني محلي ۾ رهندڙ پنهنجي ڀيڻ جي گهر ويل هو جنهن کي گذريل ڏينهن لاڙڪاڻو پوليس جي ايس ايڇ او احسان بليدي منهنجي پٽ ۽ سندس ڀاڻيجن علي دوست جتوئي ، سليمان جتوئي ، علي شير جتوئي کي کنڀي کڻي ويو ۽ گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرڻ لاءِ ڳري رشوت طلب ڪئي جيڪي اسان نه ڏني سين جنهن بعد رات جي پيٽ ۾ پوليس جو ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي کيس ماريو ويو جڏھن ته اسان جا ٽي ڄڻا پوليس وٽ آھن، جنهن کي به ظاهر نه ٿو ڪيو وڃي، آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ  جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪندي چيو آھي ته منهنجي پٽ مٿان ڪوبه ڪيس وغيره داخل ناهي لاڪاڻو پوليس هن کي بي گناھ ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو آھي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او احسان بليدي چيو ته پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل غلام فريد ڪوش پٽ لڌو خان ڪوش لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي پندرهن کان مٿي قتل ، چوريون ، ڦر ۽ پوليس مقابلن ۾ گهربل هيو جڏھن ته اسين اڃا رڪارڊ جي جاچ ڪري رهيا آھيون جڏھن ته مارجي ويل وٽان بنا لائسنس جي ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آھن، ايس ايس پي آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب وليد پوليس دودائي مائينر وٽ پوليس پيٽرولنگ پارٽي ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿيو جتي ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ لاڙڪاڻي تعلقي جي ڳوٺ باهو ڪوش واسي غلام فريد ولد لڌو ڪوش طور ٿي جنهن کان ڪلاشنڪوف هٿ ڪري سندس جو لاش چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، مارجي ويل ڌاڙيل جا ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.