آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

راولپنڊي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان مطابق ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا، افغانستان سميت علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار تي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي ته عالمي برادري انساني بحران کان بچڻ لاءِ افغانستان جي مدد ڪري. معزز مهمان علائقائي امن خاص طور تي افغان صورتحال ۾ پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي

  • 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5145 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا: صحت واري وزارت

اسلام آباد (اي پي پي)  24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5145 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل ڏينهن صحت واري قومي وزارت طرفان جاري ٽوئيٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5145 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 1293 ماڻهن کي ڪورونا ٽيسٽ مثبت آئي آهي. اهڙيءَ طرح 24 ڪلاڪن ۾ ڪيل ڪورونا ٽيسٽن جي مثبت شرح 2.52 سيڪڙو رهي آهي. ان دوران ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 6 رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته 609 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي

  • اگهن کي مُناسب رکڻ لاءِ نيشنل ٽيرف پاليسي جي منظوري ڏني وئي آهي: علي محمد خان

اسلام آباد  (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته روانگي واپار جي فروغ لاءِ روانگي واپار ڪندڙن لاءِ 180 ارب روپين جي وزيراعظم مراعتي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي، اگهن کي مُناسب رکڻ لاءِ نيشنل ٽيرف پاليسي جي منظوري ڏني وئي آهي. جمعي ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت واپاري خساري تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، پهرين ٽه ماهي دوران پاڪستان جو روانگي واپار 27.89 سيڪڙو تائين وڌيو، جڏهن ته آمدني واپار ۾ 6.11 سيڪڙو اضافو ٿيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.