ڪنري ۾ جهيڙو، وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ گوليون هڻي زخمي

ڪنري (ت ر)ڪنري شھر جي عمرڪوٽ بس اسٽاپ وٽ خاصخيلي برادري جي ٻن ڀائرن ۾ معمولي ڳالھ تان جيھڙو ٿي پيو، جنھن بعد وڏيڀاءُ راشد خاصخيلي پسٽل جا فائر ھڻي ننڍي ڀاءُ ارشد خاصخيلي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي کي تعلقي اسپتال ڪنري نيو ويو جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، زخمي نوجوان ارشد خاصخيلي ٻڌايو ته ھن کي سندس ڀاءُ راشد خاصخيلي ۽ ٻين گوليون ھنيون آھن، ذريعن موجب ڄاڻايل ٻئي ڀاءُ شھر ۾ شراب وڪرو ڪن ٿا، جيھڙو شراب جي گُتي تي پئسن جي ڏيتي ليتي تان ٿيو آھي. آخري اطلاعن تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.