سنڌي نوجوان فن ڏانهن لاڙو ڪن: نوجوان مصور

حيدرآباد (ڳالهه ٻولهه:مقبول ملاح) واٽر ڪلر ۽ پينسل ڪلر ۾ پينٽنگس ٺاهي پنهنجي سڃاڻپ ماڻيندڙ نامياري مصور سڪندر ملاح چيو آهي ته هر ماڻهو کي خدا طرفان ڏات مليل آهي، جنهن کي سڃاڻپ جي ضرورت آهي، سنڌ جي نوجوانن کي مايوس ٿيڻ بدران پنهنجي ڏات ۽ هنر اجاگر ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل ميڊيا جو دور آهي، موبائل جي صورت ۾ هر ماڻهو کي کيسي ۾ ادارو ۽ يونيورسٽي موجود آهي، مصور نه صرف نالو پر پيسا به ڪمائي ٿو. حيدرآباد آفيس ۾ عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي نامياري آرٽسٽ سڪندر ملاح وڌيڪ چيو ته تنقيد هر فيلڊ ۾ ٿيندي آهي، پر هن ان کي نظرانداز ڪري ملندڙ داد کي اوليت ڏني، ٻهراڙي مان نڪري جڏهن ڄامشورو پهتس ته آرٽ جي استادن منهنجي رهنمائي ڪئي، جنهن سان حوصلو مليو ۽ ڪم ۾ وڌيڪ بهتري آئي. هن چيو ته مون پينٽنگ جي شروعات پينسل ڪلر کان ڪئي، ان ۾ بهتري آڻيندي، واٽر ڪلر تي ڪم شروع ڪيو ۽ هن وقت منهنجي سڃاڻپ واٽر ڪلر طور ٿئي ٿي. هن چيو ته واٽر ڪلر ۾ به ڪيترائي ٿيم آهن، پر آئون پورٽريٽ تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ سڪندر ملاح چيو ته مان هڪ هاري جو پٽ آهيان، ڳوٺاڻي زندگي کي وڌيڪ عمر ڏني آهي، تنهن ڪري منهنجي فن ۾ سڃاڻپ به ڳوٺاڻي زندگي، سنڌ جي هنرمند عورت ۽ سنڌ جو ڪلچر آهي، پر مون عالمي توڙي سنڌ جي نامياري شخصيتن نيلسن منڊيلا، سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، محمدابراهيم جويو، جيجي زرينه بلوچ، ليڊي ڊائنا جا به پورٽريٽ ٺاهيا آهن، جن کي سنڌ جي ماڻهن ساراهيو. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو فن سان محبت ڪن ٿا ۽ بهتر ڪم تي تمام گهڻو پيار ملي ٿو.  هڪ سوال جي جواب ۾ نوجوان مصور چيو ته آرٽ جي شروعات ڪندي مون تي تمام گهڻي تنقيد ٿي  ۽ آئون پاڻ مايوس ٿي ويو هيس ته شوق جي حد تائين ته مصوري ٺيڪ آهي پر مصوري جو ڪوئي مستقبل ناهي، پر جڏهن آئون مصوري جي دنيا ۾ آيس ۽ مصوري جي سينيئر استادن سان مليس،  ته خبر پئي ته مصوري به ھڪ پروفيشنل شعبو آهي، مون کي ڪيترائي ڪمرشل آرڊر مليا ۽ جيڪي نوجوان مصوريءَ جو شوق رکن ٿا، اھي مايوس ٿيڻ بجاءِ اڳتي اچن ۽ پنهنجي صلاحيتن موجب هن شعبي ۾ به شهرت، عزت ۽ دولت ڪمائي سگهن ٿا.

  • سڪندر ملاح ملڪي نمائشن ۾ پينٽگس جو نماءُ ڪري چڪو 

حيدرآباد: نامياري مصور سڪندر ملاح چيو ته هن وقت تائين هن نيشنل سطح تائين ٿيندڙ نمائشن ۾ حصو ورتو آهي، جتي سندس ڪم کي تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي، پر سندس خواهش آهي ته هو پنهنجي فن جي الڳ نمائش ڪرائي، جيئن سندس ڪم کي دنيا ليول تي سڃاتو وڃي، جنهن لاءِ ڪجهه ادارن ساڻس رابطو پڻ ڪيو آهي، ۽ جلد هو پنهنجي پينٽنگس جي نمائش ڪرائيندو هن چيو ته  سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي پرو وائيس چانسيلر ميڊم قمر واحد جو جڏهن پورٽريٽ ٺاهيو هيو ته هن کي تمام گهڻو پسند آيو ۽ هن به نمائش لڳائڻ لاءِ چيو آهي. 17

  • نوجوان مصور سڪندر ملاح لڪي شاهه صدر ۾ جنم ورتو

حيدرآباد:واٽر ڪلر ۾ پينٽگس ۽ پورٽريٽ ٺاهي مشهوري ماڻيندڙ لڪي شاهه صدر ۽ ڄامشوري جي رهواسي سڪندر ملاح چيو ته آرٽ جو شوق کيس ننڍپڻ کان هوندو هو، هو جڏهن هاءِ اسڪول پهتو ته سائين محمد صالح مڪراني سندس رهنمائي ڪئي،  2015 ع ۾ ڄامشورو اچڻ تي سندس ڀاءُ سنڌي ٻوليءَ کي موبائيل جي پلي اسٽور تي آڻيندڙ علي حسن ملاح  کيس ادارن وٽ متعارف ڪرايو، جنهن سان کيس وڌيڪ اتساهه پيدا ٿيو، جنهن کان پوءِ آرٽ جي استادن ڪاشف شھزاد سھارڻ، هرجي لال، علي عباس جعفري سان ملاقات ٿي، جن مون کي اڳتي آندو ۽ وڌيڪ سيکاريو. علي عباس جعفريءَ،سوشل ميڊيا تي چيني،اطالوي ۽ ڀارتي آرٽسٽ متعارف ڪرايا ۽ منھنجي ڪم جو انداز بدلجي ويو. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو آرٽ سان محبت ڪن ٿا،  هزارين نوجوانن کي اها ڏات آهي، پر  انهن کي گهرجي ته هو عملي طور اڳتي اچن، هو اڳتي ايندا ته سندن ڪم ۾ به بهتري ايندي، هو جيستائين ٻاهر نه نڪرندا، نمائشن ۾ نه ايندا، آرٽ جي ماهرن سان نه ملندا ته يقينن هو اڳتي به اچي نه سگهندا، آرٽسٽن لاءِ رستا جام آهن، پر کين گائيڊ لائين جي ضرورت آهي. ھن چيو ته موھن جو دڙو آرٽ جو نمونو آهي 17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.