خيرپور ويجهو روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ عورت ۽ ٻه ٻار هٿ نه آيا

خيرپور(س ر) اٺ ڏينهن اڳ  خيرپور جي علائقي لطيف ڪالوني جي رهواسڻ عورت مسمات مهناز ڪڙيو ٻن معصوم ٻارن ارحم، عنائا ڪڙيو گهرو پريشانين سبب روهڙي ڪينال ۾ ٽپو ڏئي خدڪشي ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ته  اٺ ڏينهن گذرڻ جي باوجود عورت سميت ٻنهي ٻارڙن جا لاش نه ملي سگهيا آهن، جڏهن ته فوتين جي وارثن سخت سردي ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت روهڙي ڪئنال مان لاشن جي ڳولها ڪري رهيا آهن،اٺ ڏينهن گذرڻ جي باوجود لاش نه ملي سگهيا آهن،جنهن ڪري سخت سردي ۾ ڏينهن رات وارث روهڙي ڪينال جي ڪپن تي راتيون گذاري لاش ڳولهي رهيا آهن لاش نه ملڻ جي ڪري وارث سخت پريشان آهن،فوتين جي وارثن مطالبو ڪيو ته سندن لاشن جي ڳولها ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.