دادو جا 2 ايس ايڇ اوز نوڪرين مان برطرف

دادو(  ڊ ر) دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪورٽ پراپرٽي ۾ خورد برد جو الزام ثابت ٿيڻ تي ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه جاچ ڪاميٽي جي رپورٽ بعد 2 ايس ايڇ اوز کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي.برطرف ڪيل انسپيڪٽرن ۾ غلام حيدر پنهور ۽ منظور مستوئي شامل آهن.ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه جاچ ڪاميٽي جي رپورٽ بعد بي سيڪشن ٿاڻو دادو جي ٻن اڳوڻن ايس ايڇ اوز کي نوڪرين مان برطرف ڪري ڇڏيو.جڏهن ته ٻنهي پوليس آفيسرن تي ڪورٽ پراپرٽي ۾ رکيل ڪروڙين روپين جون نشي آور سوپاريون خورد برد ڪرڻ جو الزام هو ۽ اهڙي انڪوائري سندن خلاف هلندڙ هئي.جڏهن ته ڪيس جي انڪوائري اينٽي ڪرپشن پوليس دادو جو سرڪل آفيسر غلام علي بوزدار پڻ الڳ سان ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.