سوڀو ديروڀرسان زمين مالڪي تان جهيڙو،صحافي سميت 7 ڄڻا زخمي

سوڀو ديرو (ن ع آ )سوڀوديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملھيراڻي سولنگي ۾ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين  جي مالڪي تان جھيڙو فائرنگ۔لٺين۔ڪھاڙين جو آزادانا استعمال ٻنھي ڌرين جا ست ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا۔ھڪ ڌر جا ٽي ماڻھو  صحافي اسد علي سولنگي۔اظھر سولنگي۔ايڊوڪيٽ اشتياق سولنگي زخمي  ٿي پيا جڏھن ته صحافي اسد سولنگي ٽنگ ۾ ڱولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي نازڪ حالت ۾ گمبٽ اسپتال ريفر ڪيو ويو ۽ صحافي اسد سولنگي جي  گھر کي باھ ڏئي پڻ ساڙيو ويو آھي جڏھن ٻي ڌر محمد حاتم سولنگي جا چار ماڻھو رستم۔عبدالجبار۔معشوق۔تھمور سولنگي زخمي ٿي پيا آھن واقعي جون ٻنھي ڌرين سوڀوديرو ٿاڻي تي  ويھن کان وڌيڪ ماڻھن خلاف اين سي داخل ڪرايون ويون آھن۔ٻئي طرف ايس ايڇ او سوڀوديرو لالا امير پٺاڻ ٻڌايو ته واقعو زميني تڪرار ٻڌايو پيو وڃي ٻنھي ڌرين جي زخمين کي ميڊيڪل ڪرائڻ لاء ليٽر ڏنا آھن وڌيڪ  جھيڙي  کي روڪڻ لاء ڳوٺ ملھيراڻي سولنگي ۾ اي ايس آء محمد ڇٽل سولنگي جي نگراني ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪئي آھي ڪنھن کي به قانون ھٿ ۾ کڻڻ جي ھرگز اجازت نه ڏني ويندي خبر موڪلڻ تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.