سنيل ڪمار جو ڪيس چئن اڻڄاتل جوابدارن مٿان داخل، احتجاج

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرجوڳوٺ ۾ هڪ هفتو اڳ قتل ٿيل هندو واپاري سنيل ڪمار جو قتل ڪيس سندس ڀاءُ راجيش ڪمار جي فرياد تي گناھ نمبر 4/2022 تحت 4 نامعلوم جوابدارن مٿان پيرجوڳوٺ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي، جڏهن ته مقتول هندو واپاري جي گهر ۾ سندس نياڻيون ۽ وني پاران قاتلن کي پٽون پاراتا ڏنا پيا وڃن، سندس گهر ۾ روڄ راڙو متل آھي، ڪيس ۾ فريادي بڻيل راجيش ڪمار ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته اسان جي ڀاءُ کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آھي، اسين ڌڻي در ٻاڏائي رھيا آھيون ته سنيل ڪمار کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي دنيا آڏو ظاھر ڪري کين قدرتي طور سزا ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.