سکر ۾ ٻن گهرن جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) سکر جي علائقي نئين پنڊ ڪنڀار پاڙي ۾ ٻن گهرن جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن سبب ٻه ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا آهن، جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ريسڪيو عملي جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ 15 سالن جي ڇوڪري سميت 25 سالن جو نوجوان شامل آهي، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منقتل ڪيو ويو آهي، عملي موجب گهرن جو ڇتيون زبون حال هيون جيڪي برسات پوڻ سبب ڪري پيون جڏهن ته علائقي واسين جي مدد سان ملبو کڻڻ لاءِ امدادي ڪاروائي جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.