ڪڍڻ ۾مرزا گروپ جو اجلاس،مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان

ڪڍڻ (ن ع آ) مرزا گروپ جي ڪارڪنن جو ھڪ اجلاس حاجي محمد جمن واھرو جي رھائشگاھ تي منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ مرزا گروپ جي ورڪرن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي, اجلاس کي خطاب ڪندي حاجي جمن واھرو چيو ته ڪڍڻ پوليس ونگاري بڻجي مرزا گروپ جي ڪارڪنن کي بنان سبب گرفتار ڪري مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رھي آھي ۽ اسان کي ٽارگيٽ جو نشانو بڻائي انتقام ورتو پيو وڃي پر اسان ڪڏھن به شير سنڌ ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا جو ساٿ نه ڇڏينداسين ۽ اسان شھر ڪڍڻ جي سمورن پاڙن ۾ گڏجاڻيون ڪري مرزا گروپ کي وڌيڪ منظم ڪنداسين ۽ انشاءالله ايندڙ اليڪشن ۾ ضلع بدين ۾ مرزا گروپ جا نامزد اميدوار وڏي سوڀ ماڻيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.