سنڌ حڪومت تعليمي بورڊز جي سڌارن ۽ ڊجيٽلائيزيشن جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ حڪومت تعليمي بورڊن جي سڌارن ۽ ڊجيٽلائيزيشن جو فيصلو ڪري ورتو آهي. بورڊز ۽ يونيورسٽين واري صوبائي وزير اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ سمورن تعليمي بورڊز جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري بورڊز، چيئرمين اسلام آباد تعليمي بورڊ، سي اي او پنجاب ايگزامينشن ڪميشن، چيئرمين پشاور بورڊ ۽ سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊن جي چيئرمينن شرڪت ڪئي. اسلام آباد بورڊ جي چيئرمين قيصر عالم اجلاس کي آٽوميشن ۽ ڊجيٽلائيزيشن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ پنجاب ايگزامينشن ڪيمشن جي چيئرمين ڪميشن جي قيام جي  مقصد ۽ پهرين جماعت کان اٺين جماعت جي اسيسمينٽ ۽ امتحانن جي نظام ۾ ڪيل سڌارن بابت پڻ آگاهه ڪيو. اجلاس کي سنڌ جي تعيلمي بورڊ آٽو ميشن ۽ ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. صوبائي وزير بورڊز اسماعيل راهو بورڊز جي سڌارن ۽ ڊجيٽلائيزيشن ايڊيشنل سيڪريٽري بورڊز، ڪراچي ۽ نوابشاهه جي تعليمي بورڊز جي چيئرمينن  تي ٻڌل ٽي رڪني ڪميٽي جوڙيندي چوڻ هو ته ڪميٽي سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊز جي سڌارن ۽ ڊجيٽلائيزيشن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ پنهنجون سفارشون مرتب ڪندي، سمورن تعليمي بورڊز جو رزلٽ ڊجيٽلائيز ڪرڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي. اسماعيل راهو جو وڌيڪ چوڻ هو ته سمورا تعليمي بورڊز آٽوميشن ۽ ڊجيٽلائيز ٿيڻ بعد استاد گهر ويهي ڪري به پيپرز چيڪ ڪري سگهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.