بٺوري ۾ ڀاڻ اڻلڀ، بحران روڪڻ لاءِ ھنگامي بنياد تي اپاءُ وٺڻ جو مطالبو

ميرپور بٺورو(ن ع آ) جي سياسي سماجي تنظيمن ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي اپاءَ وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، آبادگارن کي معاشي طور تباه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڀاڻ واپارين کي ڏيڻ بجائي سرڪاري طور تي وڪرو ڪيو وڃي، بليڪ مارڪيٽنگ سبب ڀاڻ اڻلڀ ٿي ويو آهي ۽ چيٽ جي فصل جي پوکي متاثر ٿي رهي آهي، انهي سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ساگر مجيد پرهياڙ چيو ته لاڙ جي آبادگارن کي مختلف طريقن تباه ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي جنهن ۾ پاڻي جي کوٽ، زرعي فصلن جا مناسب اگهه نه ملڻ، سم نالن جو پلٽڻ ۽ ٻين سببن ڪري آبادگار پريشان حال آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري چيٽ جي فصل کي نقصان رسايو پيو وڃي، هن چيو ته ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙ واپارين خلاف ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ نعمان شورو چيو ته ميرپوربٺورو ۾ ڀاڻ جي في ٻوري سرڪاري اگهه کان ٻيڻ تي وڪرو ڪئي پئي وڃي ڄنهن سبب 1760 واري ٻوري 3000 روپين ۾ ملي رهي آهي، هن چيو ته ڀاڻ اڻلڀ ٿيڻ سبب ڪڻڪ جو فصل متاثر ٿيندو ۽ اٽي جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو جنهن سبب حڪومت کي هنگامي بنيادن تي ڀاڻ جي فراهمي لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن، هوڏانهن نوجوان اتحاد جي عامر ميمڻ عوامي آواز کي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا سجاول ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڪابه حڪمت عملي ناهي جوڙي جنهن سبب واپاري لڪ چوري ۾ ڀاڻ ذخيرو ڪري بليڪ مارڪيٽنگ ڪندي وڌيڪ اگهه ۾ ڀاڻ وڪرو ڪري رهيا آهن، هن مطالبو ڪيو ته يوريا ڀاڻ کي سرڪاري عملدارن جي نگراني ۾ وڪرو ڪري ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي. هوڏانهن جيئي سنڌ قومي پارٽي جي قادربخش زئور۔بشير ميراڻي۔۽ ٻين چيو ته گذريل ڏينهن اسسٽنٽ ڪمشنر پاران پڪڙيل 800 يوريا ڀاڻ جي ٻورين مان من پسند ماڻھن کي ڀاڻ مليو آھي۔ننڍن آبادگارن کي ڀاڻ نه ملي سگھيو آھي پھرين بنيادي حق ننڍن آبادگارن جو آھي۔آبادگارن سان نا انصافي ڪئي وئي آھي آفيسرن واپاري جو ڀاڻ پنھجن ۽ ڀوتارن جي من پسند ماڻھن کي ڏنو آھي جيڪا ننڍن آبادگارن سان ناانصافي آھي ھڪ ڏينھن اڳ واري لسٽ غائب ٿي وئي ۽ مٿان ٻئي لسٽ شو ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.