ٺل لڳ اسڪول زبون، ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، 5 شاگردن زخمي

ٺل (رپورٽ : نماڻو نوناري )ٺل ويجهو اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا،5 شاگرد زخمي،اسپتال منتقل ڳوٺاڻن پاران اسڪول جي بلڊنگ جي مرمت ڪرائڻ جو مطالبو،خبر موجب ٺل ويجهو ڳوٺ پهلوان لاشاري جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪرم علي لاشاري ۾ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا جنهن جي نتيجي ۾ محمد امين ٻرڙو،جواد لاشاري،نديم پهوڙ ،زاهدان لاشاري ۽ آصف پهوڙ معمولي زخمي ٿي پيا جنهن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو ڳوٺاڻن علي گل لاشاري،افغان خان لاشاري،دلدارعلي لاشاري،اشرف لاشاري ۽ ٻين چيو ته اسڪول جي بلڊنگ زبون هئي ڪيترائي دفعا اعليٰ اختيارين کي دانهيو پر ڪوبه تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي،اسڪول جي جي ڇت ڪري پئي جنهن سبب 5 شاگرد معمولي زخمي ٿيا آهن،هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول جي بلڊنگ جي مرمت ڪرائي وڃي،جيئن وڌيڪ نقصان نه ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.