لاڙڪاڻي شهر ۾ پوليس موبائيل پنچر، ٽريفڪ جام

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ٻاهريان هلندڙ برسات دوران پوليس موبائيل جي ٽائر پنچر ٿيڻ سبب موبائيل گذريل ٻن ڪلاڪن کان روڊ ڀرسان بيٺل هئڻ جي ڪري ٽريفڪ جام ٿي وئي جڏهن ته اتان گذرندڙ مريضن توڙي سندن وارثن کي سخت پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. اهڙي صورتحال کان پوءِ اهلڪار پوليس موبائيل ڇڏي برسات کان بچڻ لاءِ اسپتال ڏانهن روانا ٿي ويا آهن. مريضن جي وارثن مطالبو ڪيو آهي ته پوليس موبائيل جي مرمت ڪرائي ٽريفڪ جي رواني کي متاثر ٿيڻ کان بچائي وڃي. ٻئي پاسي ٻن ڪلاڪن کان بعد پوليس اهلڪارن مستري کي گهرائي پنجر لڳائي گاڏي کي منزل ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.