جمال شاهه ڀرسان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻارڙو فوت

جمال شاھه (رپورٽ: مختيار مشوري)جمال شاھ ڀرسان ڳوٺ دولت ملاح ۾ بجلي جي ڪريل تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 سالا معصوم ٻارڙي روشني ڌي ارشد ملاح فوت ٿي وئي، نينگري جي والد ارشد ملاح ٻڌايو ته نينگري کي گھر ۾ راند کيڏڻ دوران بجلي جي ڪريل تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب بي هوش ٿي وئي، جنهن کي خانگي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽر پاران سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته ٻارڙي جو لاش سندس گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.