سيٺارجا مان اغوا ٿيل عورت ڪيس ۾ مڙس نامزد

سيٺارجا (ن ع آ) سيٺارجا پوليس جو عجيب ڪارنامو,سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ ماڪن ڪٻر مان مبينا طور شادي شده عورت روبينا اسلامي سندس ٻن ٻارن ستن ورهين جي فراز ۽ ٻن ورهين جي ياسمين جي اغوا جو ڪيس ٻن جوابدارن مٿان سيٺارجا ٿاڻي عورت جي مڙس مٿان داخل ڪيو ويو هيو,پر گذريل رات دير سان اغوا جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ممتاز منڱڻهار ۽ آصف منڱڻهار جي پي ديدار منڱڻهار  جي فرياد تي اغوا ڄاڻايل عورت جي مڙس سجاول اسلامي ۽  سندس ڀائرن  سميت ڳوٺاڻن جي  اٺن جوابدارن خلاف ساڳئي ٿاڻي سيٺارجا تي گهر کي باه ڏيڻ ,سامان جي ڀڃ ڊاه ۽ ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ٻئي طرف عورت جي مڙس سجاول اسلامي ٻڌايو ته منهنجي زال ۽ ٻن معصوم ٻارن سميت هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا هئا جنهن جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هيو پر منهنجي گهر واري ۽ ٻارن کي بازياب ڪرائڻ جي بجاء الٽو اسان مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.