عثمان هڙي ڀرسان قتل ڪيس ۾ جوابدار گرفتار

عثمان شاھ ھڙي (ن ع آ) ڪجهه ڏينهن اڳ عمر ساند ٿاڻي جي حد واري  ڳوٺ شاھ پور رضوي ۾ ڪمري مان ملندڙ شخص جو لاش جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ جي فرياد تي قلم 302 قتل جو ڪيس نامعلوم ماڻهن خلاف داخل، تفصيل موجب  ڪجهه ڏينهن اڳ عثمان شاهه هڙي لڳ ٽنڊو آدم روڊ تي واقع ڳوٺ شاھپور رضوي ۾ ھڪ شخص نالي احمد ناز شيخ جو لاش هٿ آيو هو، جنهن بعد عمر ساند پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪمري مان لاش هٿ ڪري پنهنجي تحويل ۾ وٺي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ سول اسپتال ٽنڊوالھيار آندو بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، جنهن جي قتل جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ عبدالغفور شيخ جي فرياد تي نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيو ويو آهي، رابطي ڪرڻ تي عمر ساند ٿاڻي جي جانچ آفيسر ٻڌايو تہ مقتول جي ڀاءُ شڪ ظاهر ڪيو آهي تہ سندس ڀاءُ احمد ناز کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جانچ ڪيون ٿا، جيڪڏهن قاتل بااثر ڇو نہ ھجن اسان جي گرفت کان بچي نہ سگھندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.