سڳيون پوليس پاران 15 ڏينهن اڳ پڪڙيل جوابدار جي گرفتاري ظاهر

سڳيون (ن ع آ)سڳيون ڀرسان محمود چنا ٿاڻي جي حد ۾ 15 ڏينهن اڳ ڳوٺ جواڻ ڪلھوڙو ۾ واقعو پيش آيو هو جنهن ۾ حڪيم ماڇي نالي نوجوان پنهنجي گهرواري 18 ورهين جي نماڻي ماڇي مٿان پسٽل جو فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش درياء ۾ لوڙهي ڇڏيو هو، جنهن کان بعد مقتولا جي پيء رجب ماڇي جي فرياد تي اهڙي ايف آء آر محمود چنا ٿاڻي تي پڻ داخل ڪئي وئي هئي جنهن بنياد تي ايس ايڇ او محمود چنا علي اڪبر شيخ قتل واقعي جي ٻئي ڏينهن ئي ڪاروائي ڪري جوابدار حڪيم ماڇي کي گرفتار ڪري ميڊيا اڳيان پيش ڪيو هو، جتي جوابدار حڪيم ماڇي پاران قتل جو اعتراف ڪندي ميڊيا کي بيان پڻ ڏنو هيو، جڏهن تہ ان واقعي کي پندرهن ڏينهن گذرڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ايس ايڇ محمود چنا پاران ڪارروائي ڏيکاري جوابدار گرفتار ڪرڻ دعوا ڪري اعلي آفيسرن کان شاباس وصول ڪري ورتي آهي ۽ ايس ايس پي خيرپور جي پي آر او پاران پڻ اهڙي پريس رليز ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ ڳجهي اطلاع تي ايس ايڇ او محمود چنا ڪارروائي ڪري قتل ۾ گهربل جوابدار حڪيم ماڇي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن تہ جوابدار حڪيم ماڇي پهرين ڏينهن ئي گرفتار هيو جنهن جي گرفتاري ميڊيا اڳيان پڻ ظاهر ڪئي وئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.