چونڊڪو مان پرڻيل عورت مبينا اغوا، وارثن جو ڌرڻو

نارو (ن ع آ)سوراه ٿاڻي جي حد چونڊڪو شهر جي پيراسماعيل شاه ڪالوني مان رات دير سان هٿياربند هٿيارن جي زور تي شادي شده عورت 20 سالا ياسمين بيبي زال طاهر علي شيخ کي مبينا  اغوا ڪري فرار ٿي ويا آهن ان سلسلي ۾ ناري جي وارثن طاهر علي شيخ.ثمينه بيبي.غلام نبي شيخ.غلام فريد شيخ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هڻندي چيو ته رات دير سان پنجاب صوبي جي رحيم يارخان جي رهواسي ظهور . اسلم. حبيب. محمود.شاه رخ شيخ ۽ ٽي نامعلوم هٿيارن جي زور تي گهر ۾ گهڙي اسان کي مارڪٽ ڪري  اسان جي شادي شده عورت 20 سالا ياسمين بيبي زال طاهر شيخ کي هٿيارن جي زور تي  اغوا ڪري ويا آھن پوليس ھن محل تائين ڪجھه به ناھي ڪيو اسين ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ٿا ڪيون ته هن مسئلي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري عورت کي بازياب ڪرايو وڃي،سوراه پوليس سان رابطو ڪرڻ تي ٿاڻي جي وڏي منشي گل حسن سوڍڙوٻڌايو ته ڇوڪرئ جو پئ ۽ مامون آيل هيا ڇوڪري پنهنجي پئ ۽ مامي سان انهن ڏانهن وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.