اڪري ڀرسان اسڪول جي ڇت ڪري پئي، 2 شاگرد زخمي، ٻارن ۾خوف

اڪري چودڳي (ن ع آ)  اڪري ڀرسان ڳوٺ محمد سچل شر ۾ واقع گورنمينٽ پرائمري اسڪول محمد سچل شر ۾ ڪلاس هلندي پڙهائي دوران اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا جنهن سبب 2 شاگرد 6 سالا ذيشان شر ۽5 سالا خديجه معمولي زخمي ٿي پيا ڇت جي چاپڙن ڪرڻ دوران استاد ۽شاگردن ۾ ڀاڄ پئجي ويئي ۽ٻارن ۾ خوف و حراس ڦهلجي ويو اسڪول ۾ مقرر ماسترياڻي ٻڌائيندي چيو تہ اسڪول ۾ اسيمبلي بعد جيئن ڪلاس هلڻ شروع ٿيو تہ ڇت جا چاپڙ ڪرڻ شروع ٿيا شاگرن ۽شاگردياڻيون خوف سبب دانهون ڪندي ڪلاس مان ٻاهر نڪري وياٻارن جي دانهن تي آس پاس جا ڳوٺاڻن پهچي ويا جن ٻارن کي تسلي ڏيئي ماٺ ڪرايوهن چيو تہ اسڪول جي بلڊنگ زبون حال آهي اڄ ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب خوف ڪري اسڪول جي اڱڻ تي بئنچون رکي ڪلاس هلائي رهي آهيان ٻي طرف ڳوٺاڻن علي بخش شر،غلام سرور ،مجيب الرحمن ،حليم الله شر ۽ٻين شاگردن سميت دانهيندي چيو تہ تعليم کاتي جي آفيسرن ۽اعلي اختيارن کي ڪيترائي ڀيرا اسڪول جي بلڊنگ جي زبون حالي جي باري لکت ۾ توڙي زباني دانهڻ ڪوڪڻ باوجود اسڪول جي بلڊنگ جي مرمت نہ ٿي سگهي چوديواري واش روم بہ نہ آهن فرنيچر بہ نہ آهي هنن وزيراعلي سنڌ ۽ تعليم جي وزير ۽اعلي عملدارن کان مطالبو ڪندي چيو تہ  اسڪول جي بلڊنگ جي مرمت ڪرائڻ سان گڏ اسڪول کي بنيادي سهوليتون بہ ڏنيون وڃن تہ جيئن ٻارن جي تعليم سان گڏ زندگي بہ محفوظ ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.