سنڌ جو نوجوان علم جي حاصلات لاءِ ڪتابن سان لنون لڳائڻ لڳو

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ ۾ ڪتاب پڙھندڙن جو انگ وڌي رھيو آھي، ڪتابن جو وڪرو گھٽجڻ بجاءِ وڌيو آھي، نوجوان طبقو ڪتابن ڏانھن گھڻو اچي رھيو آھي، سنڌ ۾ سياسي ادب، تاريخ، ناول ۽ آتم ڪٿائون تي ٻڌل ڪتابن جو وڪرو گھڻو ٿئي پيو، سنڌ جي تناظر ۾ ڏسجي ته سياسي ادب ۾ انھن سمورن ناليوارن سياستدانن، ڏاھن ۽ دانشورن جي لکڻين وارن ڪتابن جو وڪرو وڏي انگ ۾ ٿيندي ڏٺو ويو آھي. جن جي سنڌ ۾ ھڪ سياسي سڃاڻپ ۽ ھڪ ڊگھي جدوجھد رھي آھي. ٽرانسليشن بھ گھڻي ٿي رھي آھي. ڪتابن گھرن ۽ پبليشرن وٽان مليل ڄاڻ موجب جيڪو به انگريزي يا ٻي ٻولي مان سنڌي ٻولي ۾ سياسي، تاريخي ۽ ادبي لٽريچر ڇپجي ٿو پڙھندڙ اھو ڪتاب ضرور وٺن ٿا، اھو چوڻ درست ناھي ته جديد دور جي ڪري ڇپيل ڪتاب جو وڪرو گھٽيو آھي، ڀلي ڪيترا به ڪتاب ويب سائٽن ۽ ٻين طور طريقن سان ڪمپيوٽر يا موبائل فون تي اچي وڃن پر ڇپيل ڪتاب جو وڪرو گھٽيو ناھي، سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ ڪتاب گھر موجود آھن، بڪ اسٽالن تي ڪتابن جو وڪرو ٿئي پيو، ڪتابي ميلا لڳي رھيا آھن، سياسي ۽ ادبي تقريبن ۾ لڳندڙ ڪتابن جي اسٽالن تان ڪتابن جي خريداري گھڻي ٿئي ٿي. حيدرآباد جي مختلف بڪ اسٽالن ۽ ڪتابن گھرن وٽان ملندڙ معلومات موجب ڪتابن جي خريداري ۾ ٻاڙائي وارو رجحان پيدا ناھي ٿيو، معاشي حالتون ڪھڙيون به رھيون آھن پر ڪتاب پڙھندڙ ماڻھو ڪتابن جي خريداري کي يقيني بڻائين ٿا، اھو ادارن تي ڇڏيل آھي ته پڙھندڙن تائين علمي، ادبي ۽ سياسي ادب تي ٻڌل ڪتاب پھچائڻ لاءِ ڪھڙا اپاءُ وٺن ٿا، پڙھندڙ سٺي لٽريچر جي ڳولا ۾ رھندو آھي. ڄاڻ موجب روز ڪيترائي پبليشر ميدان ۾ اچن ٿا، روز ڪو نه ڪو نئون ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي وڃي ٿو. پراڻا ڪتاب ٻيھر بار بار ڇپرايا وڃن ٿا ڇو ته انھن ڪتابن جي گھرج وڌندي رھي ٿي. حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وڏن علمي ادبي تقريبن، سياسي، سماجي پروگرامن ۽ ثقافتي ميلن ۾ به لڳندڙ بڪ اسٽالن تان اڪثر نوجوان ڪتاب خريد ڪندي ڏٺا وڃن ٿا.

  • نوجوانن کي تاريخ ۽ سياست جي ڪتابن ۾ دلچسپي

حيدرآباد: ڪتابن جي وڪري بابت مختلف پبليشرن، ڪتاب گھر ۽ بڪ اسٽال ھلائيندڙن جو چوڻ آھي ته جن ماڻھن ڪتاب ھٿ ۾ کڻي پڙھڻ شروع ڪيو آھي اھي وري ڪنھن ٻئي سٺي ڪتاب جي ڳولا ۾ ھوندا آھن. ان سلسلي ۾ روشني پبليڪيشن جي سربراھھ علي نواز گھانگھرو چيو ته ڪتابن جو وڪرو وڌي آھي ۽ جديد دور جي سھولتن جي ڪري ڪتاب ھاڻ آن لائين وڪرو بھ ٿين ٿا. ھن چيو تھ ڀلي ڪيترو به جديد دور اچي وڃي ڇپيل ڪتاب جو وڪرو جاري رھندو، ان جو مثال اھو آھي ته ڪتابن جو وڪرو گھٽجڻ بجاءِ وڌيو آھي، خاص طور تي نوجوانن ۾ ڪتابن پڙھڻ جو رجحان وڌي پيو. ھن چيو ته سياسي ادب، تاريخ، فلسفي ۽ ٻين ٻولين جا سنڌي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب وڏي تعداد ۾ وڪرو ٿي رھيا آھن. دانيال ڪتاب گھر قاسم آباد جي اياز ابڙو چيو تھ اھو بحث ٿيندو رھيو آھي ته ڪتاب گھٽ ٿا پڙھجن يا وڪرو گھٽ ٿئي ٿو، پر حقيقت اھا آھي ته ڪتابن جو ريڊر وڌي پيو ۽ ڪتاب وڪرو بھ وڏي تعداد ۾ ٿئي ٿو. ھن چيو ته سٺو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچڻ ساڻ ان جي ڊمانڊ وڌي ٿي، سياسي ادب تي جيڪي بھ ڪتاب اچن ٿا انھن جو وڪرو گھڻو ٿو ٿئي، سنڌ جي وڏن سياسي اڳواڻن سميت انھن سمورن ناليوارن لکندڙن جا ڪتاب وڏي تعداد ۾ وڪرو ٿين ٿا جن جو موضوع سياسي ۽ تاريخي ھوندو آھي. ھن چيو ته سياسي ادب کانسواءِ ناولن ۽ آٽوبائيوگرافي جا ڪتاب به وڪرو ٿين ٿا. سنڌي ادبي بورڊ جي تلڪ چاڙھي حيدرآباد واري ڪتاب گھر جي مئنيجر سليم اختر پيرزادي چيو ته ڪتابن جو وڪرو گھٽجڻ بجاءِ وڌيو آھي، اھا ڳالھھ درست ناھي ته ڪتابن جو وڪرو گھٽجي پيو، سنڌي ٻولي ۾ سياست، تاريخ، ادب ۽ فلسفي ۾ جيڪي به ڪتاب اچن ٿا اھي وڪرو ٿين ٿا، اسان جي اداري پاران ھر ممڪن ڪوشش ھوندي آھي ته پڙھندڙن تائين رعايت سان ڪتاب پھچي. ھن چيو ته ڪتابن جي وڪري جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته شھر ۾ ڪيترن ئي ھنڌن تي ڪتابن جا دڪان ۽ ريڙھا لڳن ٿا، انھن تي ڪتابن جو وڪرو ٿئي ٿو،ادبي پروگرامن، ڪتابي ميلن ۽ سياسي پروگرامن جي ھالن ٻاھران لڳندڙ ڪتابن جي اسٽالن تي ڪتاب وڏي تعداد ۾ وڪرو ٿين ٿا. ھن چيو ته اسان جي اداري جي ڪتاب گھر جي گذريل مھيني ڊسمبر ۾ ڪتابن جي سيل 4 لک روپين کان وڌيڪ ٿي آھي. پبليشر سڪندر ملاح چيو ته نوان پبليشر به روز ميدان تي اچن پيا، ڪتاب جو وڪرو ٿي رھيو آھي، ڪتاب جو وڪرو گھٽجڻ واري ڳالھھ درست ناھي جيڪي ماڻھو سمجھن ٿا ته ڪتاب پڙھڻ جو رجحان گھٽجي پيو اھي غلط فھمي جو شڪار آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.