شهداڪوٽ ۾عورتن جو پاڪ ڪتاب کڻي پوليس خلاف احتجاج

شھدادڪوٽ (ن ع آ) شھدادڪوٽ ۾ ڳوٺ بيگ محمد ڀرڳڙي جي رھواسي عورتن ۽ مردن پاڪ ڪتاب ھٿن ۾ کڻي سنجر ڀٽي پوليس جي ناانصافين خلاف احتجاج ڪيو , مسمات شھزادي,خانزادي, راحب علي,رزاق ۽ مسمات پيراڻي ڀرڳڙي پنهنجي ٻين گھر ڀاتين سان گڏ پنهنجي ڳوٺ کان ھلندڙ برسات ۾ اچي پريس ڪلب پھچي دانھيو آهي ته 2 ھفتا اڳ سندس نوجوان نياڻي ڪائنات ڀرڳڙي کي پنهنجي ذات جي ماڻهن حسين ڀرڳڙي ۽ ارباب ڀرڳڙي زبردستي سان کيس اغوا ڪري کڻي ويا آهن جنهن جي دانهن سنجر ڀٽي ٿاڻي تي ڏني آهي پر پوليس نياڻي کي اڃان تائين بازياب نه ڪرايو آهي جڏهن ته پوليس ھڪ جوابدار حسين ڀرڳڙي کي گرفتار به ڪيو  پر ايس ايڇ او نه واقعي جي ايف آء آر ٿو داخل ڪري ۽ نه وري ٻي جوابدار ارباب ڀرڳڙي کي گرفتار ٿو ڪري جيڪا سراسر ناانصافي آهي, ھنن آء جي سنڌ, ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته نياڻي کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.