مير محمد پيرزادو جي ياد ۾

رکيل مورائي

مني صديءَ جي ڄمار ماڻي، مٽيءَ جي مهانتا جا گيت لکندڙ شاعر سائين مير محمد پيرزادو اڄ پاڻ اُن مٽيءَ ماءُ جي جهوليءَ ۾ سمهي رهيو آهي، جنهن جهوليءَ کي اسان زندگيءَ ۾ ابدي آرامگاهه چوندا آهيون.

چانڊوڪين جهڙي جرڪندڙ مرڪ چهري تي رکندڙ سائين مير  محمد چڱي عرصي کان الڳ الڳ بيمارين سان، جهڙيندو رهيو ۽ عملي توڻي تخليقي طور زندگيءَ جي هر خوشگوار رنگ جا گيت لکي موت کي للڪاريندو رهيو، پر جنهن کي موت چئجي ٿو آخر اهو ئي زندگيءَ تي فتح حاصل ڪري ٿو ائين هر انسان حيات مان هٿ ڪڍي ڇڏي ٿو، جيئن ٽي سال اڳ ٻن پهرن جو سائين مير محمد پيرزادي پنهنجي حيات مان هٿ ڪڍي ڇڏيا. ۽ اڄ هو مٽيءَ جي جهول ۾ ابدي آرامي آهي.

شخص کي هليو وڃڻو آهي، اڳ يا پوءِ، پر جيڪي شخص پوئتي رهجي وڃن ٿا انهن لاءِ پنهنجي کوٽ پوري ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي. سائين مير محمد پنهنجي هڪ حياتيءَ جا سمورا ڏينهن گذاري ويندو رهيو، هن کي وڃڻو ئي هئو، پر نقصان انهن جو ٿيو آهي، جيڪي پوئتي رهجي ويا آهن.

ڪيترن ئي حوالن ۾ جيڪو ڪجهه پوئتي رهجي ويو آهي ان ۾ اڄ سائين مير محمد موجود نه آهي ۽ هن جي غير موجودگي شايد گذرندڙ عمر ايندڙ عمر اسان سڀني کي تڪليف ڏيندي رهندي، اسان اهي سڀ جيڪي ڪنهن به تعلق ۾ ساڻس جڙيل رهياسين. سندس گهر ڀاتين، اولاد، عزيزن مائٽن کان ٻاهر جن شخصن کي سدائين ڏک رسندو، اهي شخص اُهي آهن جن جو ساڻس ادبي، نظرياتي ۽ هڪ عالم طور واسطو رهيو آهي، ۽ هڪ تڪليف ساهتي پرڳڻي جي آخري شهر سڪرنڊ کي به لڳاتار رهندي، جنهن شهر کيس جهڙوڪ ٻيو جنم ڏنو هئو.

اهو سچ آهي ته هن جي مٽي ٻلهڙيجيءَ جي هئي ۽ آخر ۾ به انهيءَ مٽيءَ ساڻ وڃي ملي. هو پنهنجن انهن پيارن سان گڏ آهي، جن سان هن رانديون رهيون، پٽي ۽ سليٽ کڻي ٻوڪي ٻڌي علم جا پهريان سبق پڙهڻ لاءِ ويندو هئو، ٻلهڙيجيءَ جي مٽيءَ تي هن پهريان قدم کنيا، پهريان سبق پڙهيو. پهرين دوستن جو حلقو جوڙيو، اهڙو حلقو جيڪو زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين اکين ۾ رهندو آهي ۽ دل ۾ ديرو ڪري ويٺل هوندو آهي. جيستائين اکيون بند ٿينديون آهن ۽ دل ڌڙڪڻ ڇڏيندي آهي، تيستائين اهي يار گڏ گڏ هوندا آهن اهي معصوم محبتن سميت شخص جي وجود جو اهڙو حصو هوندا آهن، جهڙي امڙ جي ٿڃ رت جي صورت ۾ انسان جي وجود ۾ موجود هوندي آهي.

۽ سڪرنڊ سائين مير محمد جي آخري ابدي سڃاڻپ! علم ۾ ادب ۾، سياست ۾ وطن دوستيءَ ۽ روشن خياليءَ ۾ سچ پچ جيترو سائين مير محمد سڪرنڊ کي ڏنو، اوترو ئي سڪرنڊ کيس موٽائي ڏنو.هن کيس گيت ڏنا، سڪرنڊ کيس مڃتا جي موٽ ڏني، هن شعور جي ڏياري ٻاري سڪرنڊ جي نوجوانن ان ۾ تيل بدران پنهنجو رت وجهي ان کي روشن رکيو. جنهن روشنيءَ ۾ سندس خوبصورت چهرو سدائين ٻهڪندو نظر آيو ۽ اهو ئي سندس ٻهڪندڙ چهرو جناح اسپتال جي وارڊ ستين جي بيڊ تي بيسُڌ ستل هوندي به ٻهڪندو رهيو.

اهو ضرور  هئو ته نوجواني کي پار ڪري ٻڍاپي جا آثار سندس چهري تي پنهنجا نشان ڇڏي ويا هئا ٻيءَ طرح اهو مرڪندڙ مهانڊو  جنهن جي  ۽ اندر ۾ رهجي ويل اڻ ڳڻيا گيت ٻاهر نڪرڻ لاءِ اڇلون ڏيئي رهيا هئا، پر زندگيءَ جي پويان ايندڙ  ابد جي ڊوڙ ايتري تيز هئي جو کيس انهن گيت جي اظهارڻ جو موقعو ئي نه ڏنائين. ائين سائين مير محمد ڪيترائي اڻ اظهاريل گيت پنهنجي اندر ۾ سانڍي سال 2019 ۾  ٻن پهرن جو اسان سڀني اکن  بنا موڪلائي پنهنجي ان زندگيءَ ۾ پير پاتو جنهن زندگيءَ کي مختلف مذهبن ۽ نظرين الڳ الڳ اظهاريو آهي ۽ جيڪا زندگي پنهنجي الڳ الڳ روپ مٽائڻ جي صورت ۾ جاري آهي ازل کان ابد تائين!

ازل ۽ ابد جي وچ ۾ڪيترائي انسان پنهنجي پنهنجي عمر ڪاٽي روانا ٿي وڃن ٿا. ڳائجن  اهي ٿا، ياد اهي ڪيا وڃن ٿا جيڪي پٺتي ڪجهه امرُ ڇڏي وڃن ٿا جيڪو ڪڏهن به مري نٿو، روپ نٿو بدلائي، چهرو نٿو تبديل ڪري، يقينن سائين مير محمد پيرزادو هڪ شخص جي حوالي ۾ اهڙو شخص هئو ۽ هڪ تخليقڪار طور به اهڙو تخليقار هئو جيڪو سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ۾ به سدائين رهڻو آهي. ڀلي هو پنهنجي زندگيءَ جي هڪ روپ کي تبديل ڪري ڪنهن ٻي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪري چڪو آهي.

پوئتي رهجي ويل اسين شخص جيڪي ساڻس ڪنهن به تعلق ۾ جڙيل هئاسين ان کان ٻاهر سنڌ ۽ سنڌي ادب، سنڌي شاعريءَ جي حوالي ۾ هو سموري سنڌ کان ڪڏهن وسري سگهي. اهو چوڻ ڏکيو آهي. ڪنهن دوست کي سندس شاديءَ تي ڪو ڪتاب گفٽ ڪندي، سائين مير محمد جو هڪ شعر لکيو هوم

تنهنجي شاديءَ ڪوٺ ملي،

پهتس ڳوڙهن جهول ڀري.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.