او ميڪرون جو ايترو اثر آهي به يا پرڏيهي ڊالر ڪمائڻ جو چڪر آ؟

اي اي عباسي

سنڌ جي هڪ عظيم ڏاهي، ليکڪ ۽ تحقيق دان علامه ڪرم الله الاهي نقشبندي مدني هڪ معلوماتي ڪرونا وائرس جي باري ۾ زبردست ڪتاب ۾ اها ڳالهه ورجائي آهي ته ڪرونا وائرس ائين هاڻي اسان جي زندگي ۾ هر دفعي پئي ڦيرا ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو جيئن ٻيون عام بيماريون اينديون رهنديون آهن، هن وائرس جي بچاءَ لاءِ بس وڌ ۾ وڌ احتياط ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، باقي ملڪ، صوبا، شهر، علائقا، روڊ رستا بند سيل ڪرڻ معنيٰ ملڪي معشيت کي ڪاپاري ڌڪ رسائڻ برابر عمل آهي.

هن وقت پاڪستان خاص ڪري سنڌ غربت جي لڪير ۾ هيٺين سطح تي پهتل آهي، مهانگائيءَ جي شرح حد کان وڌي وئي آهي، سنڌ جا ماڻهو غربت، مفلسي، تنگدستي، مهانگائي، بک ۽ بيروزگاريءَ سبب  شديد مشڪلاتن واري زندگي بسر ڪري رهيا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته انگلينڊ  ۾ اوميڪرون جا 55 سيڪڙو ڪيس ڪورونا ويڪسين جون ٻئي خوراڪون لڳائيندڙن ۾ ظاهر ٿيا آهن، ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اوميڪرون تي موجوده ويڪسين جو ڪو به اثر نٿو ٿئي، پرڏيهي خابرو اداري موجب سائنسدانن چيو آهي ته اوميڪرون ڊيلٽا قسم جي مقابلي ۾ تيزيءَ سان پکيڙجي رهيو آهي ڊيلٽا جي مقابلي ۾ بيماري ٻيهر لاحق ٿيڻ جو خدشو به ٽي سيڪڙو وڌيڪ آهي.

هن وقت جتي هرهڪ ماڻهو مختلف مامرن سبب شديد ذهني پريشان آهي اتي ڪورونا وائرس جي ڌڙڪي ماڻهن جو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي، هن وباءَ سبب ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان معاشي معاشرتي ۽ اقتصادي طور تي ماڻهو متاثر ٿيا آهن. انهيءَ دوران نان گورنمينٽ آرگنائيزيشن ( اين جي اوز) ۽ پنهنجي ڀوتارن، ڪمدارن ۽ انهن  جي خوشامدي لشڪر جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي، جڏهن ته پوري سنڌ جي اندر هن ڏکي ۽ مشڪل حالتن واري گهڙي ۾ گهڻي قدر اهي ماڻهو سامهون فلاحي ڪم ڪندي نظر اچن ٿا جيڪي ڪنهن به اشتهار بازي، نمائش ڪرڻ سميت اخباري بيانن جي واهه واهه جا ڪڏهن به شوقين نه رهيا آهن،جن ۾ سرفهرست نالو ڪراچيءَ جي اندر سيلاني انٽر نيشنل ويلفئير ٽرسٽ جي چيئرمين مولانا بشير فاروقي جو نمايان آهي، جنهن پهرين ڏهاڙي تي ڪورونا وائرس جي متاثر ٿيندڙ خاندانن سميت غريب بي پهچ. مزدور پورهيتن جيڪي روزانو ڪمائي کائي پيٽ پاليندڙ آهن.

جڏهن سڄي سنڌ ۽ پوءِ پوري ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال تبديل ٿيڻ لڳي ته انهي دوران روزانو ڪمائيندڙ ۽ پنهنجو توڙي پنهنجي اولاد جو پيٽ پاليندڙ مزدور پورهيت طبقو خاص  طور تي شديد تڪليف ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳو ۽ حڪومت سنڌ اعلان ڪيو ته اسان روزانو ڪمائيندڙ مزدور ماڻهن کي راشن ڏينداسين پر انهن کي 5 ڏينهن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود لسٽون تيار نه ٿي سگهيون آهن ۽ اهو به طئي نه ڪيو ويو آهي ته انهن غريب روزانو ڪمائيندڙ مزدورن پورهيتن کي ڇا ملندو ۽ اهو ڪڏهن ملندو پر ڪراچيءَ ۾ انٽر نيشنل سيلاني ويلفئير ٽرسٽ جي چيئرمين مولانا بشير فاروقي عطاريءَ جيڪو پنهنجي ڪارڪنن ورڪرن سان گڏ اعلان ڪيو هيو ته اسان سيلاني ويلفئير ٽرسٽ پاران 20 لک خاندانن کي راشن گهر ويٺي ڏينداسين ۽ انهن جي فلاحي اداري پاران سالن کان هلندڙ غريب عوام جي مدد لاءِ ڪراچي جهڙي انٽر نيشنل شهر م دسترخوان جو بهترين نظام پڻ تيزيءَ سان هلندڙ آهي.

انهيءَ فلاحي تنظيم سان گڏ ئي جماعت اهلسنت بريلوي جي مرڪزي مکيه تحريڪ دعوت اسلامي جي باني امير مولانا محمد الياس قادري صاحب پارن پڻ ڪورونا وائرس جي متاثرهه خاندانن سميت روزانو ڪمائيندڙ مزدور پورهيتن جي واهر ڪرڻ لاءِ پنهنجي مدني تحريڪ دعوت اسلاميءَ جي پليٽ فارم تان امدادي سامان، راشن ڏيڻ جو سلسلو جاري ڪندي هن ڏکايل قوم جي زخمن تي مرهم رکي پنهنجي انسانيت دوستيءَ جو لازوال ثبوت ڏنو آهي، اهڙي طرح ئي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ سماجي خدمتن جي حوالي سان هڪ وڏو نالو ولاريندڙ سماجي شخصيت انجمن اتحادِ عباسيه پاڪستان جي مرڪزي چيئرمين ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي پنهنجي سماجي فلاحي خدمتن جي ڪم کي اڳتي وڌائيندي بنا ڪنهن رنگ و نسل فرق جي انسانيت جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي جنهن ۾ هو سرجاڻي ٽائون، لياري، نيو ڪراچي ٽائون سميت ڪراچيءَ جي ٻين مختلف علائقن ۾ انجمن اتحاد عباسيه جي رضاڪارن ورڪرن سان گڏجي ڏينهن رات هڪ ڪندي متاثرهه خاندانن ۾ راشن ورهائي رهيا آهن.سماجي ڀلائي واري انسان دوست ڪمن ۾ محمد رمضان ڇيپا ويلفئير، صارم برني ويلفئير ٽرسٽ، سماج سڌارڪ اڳواڻ عبدالله حسين هارون ۽ ٻيا ڪيترائي نالا آهن جيڪي پنهنجين انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششين سان هن قوم جي ڏکن تڪليفن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا،جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن جي ننڍن وڏن علائقن ۾ ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪندڙ انسان دوستي ۾ يقين رکندڙ ماڻهو پنهنجي ٿوري ڪي گهڻي مزدور پورهيت طبقي جي سار لهندي مدد ڪئي پئي وڃي ۽ انهن مزدور پورهيت روز ڪمائيندڙ ۽ روز کائيندڙ غريب مسڪين ماڻهن جي سار لڌي پئي وڃي.

انهيءَ سلسلي ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال ۾ متاثر ٿيندڙ عام غريب پورهيت سنڌ جو عوام اها ڳالهه ڪري رهيو آهي ته اسان جا چونڊيل نمائندا ، وزير، مشير، صلاحڪار ۽ نسل در نسل توڙي سالن کان اقتدار تي قابض سياستدان ڪيڏانهن ويا آهن جيڪي  اليڪشن جي دوران ووٽن وٺڻ لاءِ بار بار پنج پنج دفعا روزانو اسان جي پاڙن، گهٽين ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهي پوندا آهن پر هاڻي اهي ڳوليندي به نٿا لڀن ته پوءِ اهي اسان جي وري امداد ڪٿان ڪندا ؟، جڏهن ته سڀني کان اڳ ۾ انهن ووٽن وٺندڙن چونڊيل نمائندن کي هن ڏکي مشڪل گهڙي ۾ عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي ها ۽ پنهنجي ووٽرن کي آٿت ڏيڻ گهرجي ها ته ڪا به پرواهه نه ڪيو اسان پورهيت مزدور، هاري ناري غريب عوام سان هن مشڪل وقت ۾ گڏ آهيون ۽ انهن جي لاءِ ماسڪ، سنيٽائزر، گلوز، علائقن ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها پر اسان جي چونڊيل نمائندن مان اڪثر نمائندا پنهنجي موت جي خوف ۽ ڊپ کان هن مشڪل گهڙي ۾ عوام کي آٿت ڏيڻ بجاءَ لاتعلق بڻيل آهن.

سنڌ جي وس وارن، مخير حضرات، محب وطن انسان دوست ماڻهن شخصيتن کي هن موقعي تي پنهنجن جمع ٿيل اڻ ڳڻي بئنڪ بئلنس مان ڪجهه پورهيت، مزدور، غريب، مسڪين، لاوارث، يتيم، بي سهارا ماڻهن جي واهر ڪرڻ لاءِ اڳتي اچي فلاحي ڪمن ۾ حصو وٺندي ڏک ڀري گهڙي ۾ انسانيت بچائي وڃي ۽ بکايل ۽ ڏکايل غريب مسڪين ماڻهن کي هن وقت سڀ کان وڌيڪ انهن جي سار لهڻ ۽ انهن جي ڏکن ۾ پوئواري ڪرڻ ڀرجهلو ٿيڻ جي وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي، خدا نه ڪري تهن ڪو ڏکايل انهيءَ صدمي ۾ دنيا مان هليو وڃي ٿو ته منهنجي معصوم ٻچڙن کي سڀاڻي ٻه ويلا ڪٿان ملندي به يا نه ته پوءِ اسان سڀئي انهيءَ جا ذميوار آهيون ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان پاڻ پيٽ ڀري کائون ٿا ۽ پنهنجن غريب مسڪين مائٽن، رشتيدارن، پاڙي اوڙي جي سار نٿا لهون ته پوءِ اسان ڪنهن به حوالي سان ڪامل مڪمل مومن مسلمان سڏائيڻ جي لائق ناهيون. مسلمان لاءِ ته اهو فرمان آهي ته جيئن جسم جي ڪنهن به حصي کي تڪليف محسوس ٿئي ته پورو جسم درد  محسوس ڪري ائين ئي مومن مسلمان لاءِ تڙپ پيدا ڪرڻي آهي ته ڪٿي اسان جو ڀاءُ ڪنهن درد، ڪيفيت، رنج الم ۾ ته مبتلا ناهي جيڪڏهن آهي ته پوءِ اسان مان هرهڪ کي انهيءَ جي  تڪليف مشڪلات دور ڪرڻ لاءِ انسانيت جو ڀرم رکڻ لاءِ ڪوشش وٺڻي پوندي. هن صورتحال ۾ اسان مان هرهڪ جيڪڏهن پنهنجي پنهنجي حصي وس ۽ وت آهر غريب ماڻهن جي مدد ڪري ته جيڪر هيءُ سڄو سنسار خوشين سان ڀرپور ٿي سگهي ٿو ۽ اسان کي اها مدد ڏيکاءَ لاءِ ناهي ڪرڻي بلڪ اسلام ۾ ائين فرمايو ويو آهي ته توهان جيڪا نيڪي چڱائي ڪيو ته هڪ هٿ کان ٻئي هٿ کي به خبر نه پوي. اسلام هڪ مڪمل ضابطه اخلاق ۽ فطرت سان مالا مال مذهب آهي هن مذهب ۾ انسانيت جي خير خواهي کي عبادت اول سڏيو ويو آهي، اسان تيستائين ڪامل پڪا مومن نٿا ٿي سگهون جيستائين پنهنجي غريب مٽن، مائٽن، رشتيدارن، پاڙي وارن جي سار نٿا لهون ۽ سائين ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته جيڪو ڪجهه گهر ۾ رڌ پچاءُ ڪيو ٿا ته ٻوڙ ۾ وڌيڪ رس ڪيو ۽ انهيءَ مان پاڙي وارن ڏانهن به ٻوڙ موڪليو ۽ ثمر فروٽ جون کلون ٻاهر نه ڦٽو ڪيو متان پاڙي جا غريب ٻارڙا ريس ڪندي رنجيدهه ۽ دلگير ٿي مايوسيءَ ۾ مبتلا ٿيندي آهه و پڪار نه ڪن، انهي لاءِ آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جن ته ايترو پاڙي وارن جي حقن لاءِ فرمايو ويو جو سندن جي محبت ۽ صحبت ۾ مستغرق رهندڙ عظيم صحابه ڪرام سمجهڻ لڳا ته شايد پاڙي وارن کي پنهنجي ذاتي جاين مڪانات مان به ڏيڻ جو حڪم ٿي وڃي ته اسان لبيڪ چوڻ لاءِ تيار آهيون ۽ سرڪار مدينه صلي الله عليه  وسلم جي انصار غلامن مديني پاڪ ۾ پهچڻ تي اهو به ثابت ڪري ڏيکاريو.  ڳالهه ڪرڻ جو مقصد هيءُ آهي ته خدارا سنڌ جا ساڃاهه وند، باشعور ماڻهو هن وقت ڪنهن مير، ڏنگ وڏيري ۽ رئيس جي انتظار ڪرڻ بجاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجي علائقن ۾ غريب، مسڪين، روز ڪمائيندڙ ماڻهن جي ٿوري ڪي گهڻي وس آهر مدد ڪندي هڪ مثالي ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو. انهي لاءِ اسان مان هرهڪ کي اڳتي اچڻ گهرجي. جيئن ڪو پيٽ بکايل ٻارڙو بک ۾ پاهه ٿيندي پنهنجي امڙ ڏانهن تڪيندو ۽ واجهائيندو رهجي نه وڃي ۽ چلهه ۾ خالي ديڳڙي پئجي رهي پر انهن معصومڙن کي ٻه ويلا ماني جا به نصيب نه ٿين، انهيءَ درد ۽ آهه واري ڪيفيت شال خدا ڪنهن تي به نه آڻي.

اومي ڪرون ڪورونا جو هڪ نئون قسم متعارف ڪرائيندڙ اها ڳالهه ڪري رهيا آهن ته هيءُ نئون ڪورونا جو خطرناڪ قسم آهي جيڪو ٻين ملڪن مان هتي پاڪستان پڻ اچي سگهي ٿو جنهن لاءِ انٽر نيشنل هيلٿ آرگنائيزيشن پاران اها ڳالهه چوڻ ته هن او مي ڪرون جي بچاءَ لاءِ وري به ماسڪ جو استعمال ڪرڻ سان گڏ گهڻي هجوم واري جڳهه تي ناهي بيهڻو، احتياط ۾ انهيءَ ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ويو آهي ته هن خطرناڪ وائرس کان بچاءَ لاءِ بار بار پنهنجا هٿ ڌوئي صاف ڪريو ۽ هٿن تي هينڊ گلوز پائي پاڻ سان گڏ ٻين جون زندگيون محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ڪريو، ڪنهن به حوالي سان غير ذميدارنه شهري جو مظاهرو نه ڪريو بلڪ هڪ ذميدار ، سنجيده شهريءَ جو ثبوت ڏيندي پنهنجن علائقن، پنهنجن گهرن، پنهنجن آفيسن، پنهنجن تعليمي ادارن کي صاف سٿرو رکندي وڌ ۾ وڌ احتياطي تدابير تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جيئن اڳ جي ڪورونا جيان هن کي به منهن ڏيئي سگهجي باقي هر دفعي مهينن جا مهينا تعليمي ادارا شعور جا مرڪز بند ڪري ڇڏڻ سراسر قوم سان کليل ويساهه گهاتي ۽ نسورو ناحق مترادف عمل هوندو. اڳ ۾ ئي ٻن سالن کان وڌيڪ پيرڊ ڪورونا جي ڪروڌ سبب سنڌ جي لکين مستقبل جي معمارن جي تعليم متاثر ٿي آهي، جيڪڏهن هاڻي به اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ ٻيا سکيا وارا تعليمي ادارا ڪنهن پرڏيهي ڊالر جي لالچ ۾ بند ڪيا ويا ته پوءِ مستقبل جي معمارن جو ته ٻيڙو سير ٿي ويندو، جڏهن ته سڀ معاملا سياسي جلسا، جلوس، ريليون، ڪارنر گڏجاڻيون، سيمينار، ورڪشاپ ٿيندا رهن ٿا پر انهن کي ڪو روڪڻ منع ڪرڻ وارو ڪونهي باقي رڳو تعليمي ادارا بند ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر عمل هوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.