ڪشمير ،حق خود اراديت ملڻ تائين ڪشميرين جو ساٿ ڏيڻ جو وچن ..

سيد مجتبيٰ رضوان

هر ڪشميري پاڪستان سان گڏ آهي. ان جي دل ۽ جذبات پاڪستان سان جڙيل آهن، پاڪستان ۽ ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ ڪشميرين يوم حق خود اراديت ملهايو آهي، ان موقعي تي هندستان جي غاصباڻي قبضي جي خلاف والاريل ڪشمير ۽ آزاد ڪشمير ۾ احتجاجي مظاهرن سان گڏوگڏ اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي مشن جي کي هڪ يادداشت نامون پيش ڪيو ويو.ته اها پنهنجن ٺهرائن جي مطابق ڪشميرين کي خود اراديت وارو حق ڏياري.هندستاني ظلم ڪشميرين جي جذبي کي دبائي نٿو سگهي،ڪشميري پرامن ۽محبت ڪندڙ ماڻهون آهن،والاريل ڪشمير ۾هندستاني رياستي دهشتگرد ي ڪري رهيو آهي.

ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ جي لاءِ هي سال نئين اميد جو سال آهي،خود اراديت جو ڏينهن 1949 جي ٺهراءُ  جي حوالي سان ملهايو ويندو آهي،هندوستان ۽ پاڪستان ٻنهي انهيءَ ٺهراءُ کي منظور ڪيو هو. ڄمون ۽ ڪشمير تڪراري خطو آهي،ان خطي جي ماڻهن کان گڏيل قومن جي نگراني ۾راءِ شماري ڪرائي وڃي.پوءِ ڪشميري جنهن جي حق ۾ فيصلو ڏيندا اهو ئي حتمي فيصلو هوندو،ڪشميرين کي جڏهن خود اراديت جو حق ملندو ته اسلام اباد ان کي آزاد رهڻ يا پاڪستان ۾ شامل  ٿيڻ جي چونڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيندو.گڏيل قومن 1948 ۾ ڪشميرين سان واعدو ڪيو هو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي مطابق انهن کي پنهنجي مستقبل جي فيصلي جو حق ملندو. جڏهن ته هندوستان جي انتظام هيٺ ڪشمير سان گڏوگڏ پاڪستان  جي انتظام هيٺ ڪشمير جي شهرين کي انهن جي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو حق  ملي ويندو.

اسلام آباد ڪشميرين کي پاڪستان سان گڏ رهڻ يا آزاد رهڻ جو حق ڏيندو. انشاالله پاڪستان ۽ هندوستان جي انتظام هيٺ ٻنهي ڪشميرين جي شهرين پاڪستان سان گڏ رهڻ جي حق ۾ فيصلو ڪندا،سمورو پاڪستان ڪشميرين سان گڏ آهي،بلڪه سموري مسلم دنيا به هنن سان گڏ بيٺل آهي،وزير اعظم پاڪستان عمران خان ڪشميرين جي نجات ڏيندڙ جي طور تي دنيا جو عظيم ليڊ بڻجي اڀريو آهي.

ماضي م ڪشمير ڪاز جي نالي تي سياسي دڪانداري چمڪائي ويندي هئي، جڏهن ته پهروين ڀيرو تحريڪ انصاف جي حڪومت جي دوران  هر فورم وزير اعظم عمران خان جي ڪشميرين جي حقيقي معنيٰ ۾ ترجماني ڪئي آهي، مونکي به ٻين ماڻهن جيان يقين آهي ته انشاالله ڪشمير جو مسئلو تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ حل ٿيندو.

وزير اعظم عمران خان چيو هو ته ڪشميرين کي حق خوداراديت ملڻ تائين ڪشمير سان گڏ آهيون.. وزيراعظم جو اهو به چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ غير انساني ورتاءُ ڪيو پيو وڃي،عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومون هندوستان جي خلاف ايڪشن وٺي. عمران خان جو چوڻ هو ته ڪشميري هندوستاني قبضي ۽ ڏاڍ خلاف مزاحمت جاري رکندا پيا اچن، پاڪستان ڪشميرين خود اراديت واري انصاف تي ٻڌل جدوجهد جي حمايت تي ثابت قدم آهي.

وزير اعظم پنهنجي هڪ بيان م چيو آهي ته خود اراديت واري حق جو ڏينهن سموري دنيا م ڪشميري ۽ پاڪستاني ڪارو ڏينهن ڪري ملهائي رهيا آهن.ڇاڪاڻ جو ان ڏينهن تي هندوستاني فوج ڪشمير تي قبضو ڪرڻ جي لاءِسري نگر ۾ داخل ٿي هئي.

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گڏل قومون ڪشميرين سان خود اراديت واري حق جو وعدو پورو ڪري . وزيراعظم سماجي رابطي واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ڪشميري عوام ٽن نسلن کان پنهنجي جنگ وڙهي رهيا آهن.73 ورهين بعد به ڪشميري عوام پنهنجي حق جي  لاءِ ڄمي بيٺا آهن،

9 لک هندوستاني فوجين جي موجودگيءَ ۾ والاريل ڪشمير کي کليل جيل بڻائي ڇڏيو آهي. هندوستاني ظلم جي باوجود آزادي جي تحريڪ زور وٺي رهي آهي.هندوستاني جنتا پارٽي (بي جي پي) هي فاشسٽ حڪومت ڪشميرين تي ظلم جون سموريون حدون اورانگهي ڇڏيون آهن، ڪشميرين جي ظلم خلاف جدوجهد جي هڪ تاريخ آهي. وادي جا مرد توڙي عورتون جدوجهد ۾ شامل آهن،

وزيراعظم جو چوڻ هو ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن هندو ذهنيت کان آزادي جي لاءِ جدا وطن جي فيصلو ڪيو هو.وزيراعظم موجب اسان کي قائد اعظم جي اتحاد،عقيدي ۽ نظم وضبظ جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.خوداراديت جي حق ملن تائين ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار جاري رکندا سين.

ڪشميري عوام گذريل ڏينهن ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ خود اراديت جو ڏينهن ملهايو، هنن ان ارادي کي ورجايو ته مڪمل آزادي تائين  تحريڪ جاري رهندي،

گڏيل قومن اڄ کان 73 سال اڳ 5 جنوري 1949 تي هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو هو ته جنهن موجب ڪشميرين کي پنهنجي راءِ موجب فيصلي ڪرڻ جو حق تسليم ويو هو.ان جي پس منظر ۾ هندوستان کان اهڙي راءِ جي اهتمام جي لاءِ 20 جنوري 1948 ۽ 21 اپريل ’1948 وراين  قراردادن  تي عمل ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو .هندوستان سلامتي ڪائونسل جي ڄاڻايل ٺهرائن تي عمل نه ڪيو ، بلڪه آئين ۾ 370 شق جي تحت پنهنجي قبضي هيٺ آيل ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت به ختم ڪري ان کي پنهنجي رياست قرار ڏئي ڇڏيو آهي،ان جي تسلسل ۾ 5 اگسٽ 2019 تي لوڪ سڀا ۽ راجيه سڀا مان آئين جي شق 370 ۽35 ،،(اي)..کي ختم ڪرائي والاريل وادي کي مڪمل هڙپ ڪرڻ چاهي ٿو.

ڪشميرين جي خود اراديت واري ڏينهن جي موقعي تي صدر عارف علوي پنهنجي هڪ بيان ۾ هندوستان تي زور ڀريو آهي ته پنهنجي غير قانوني قبضو ختم ڪندي ڄون ۽ ڪشمير جي شهرين جي راءِ موجب هنن کي فيصلي ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي حوالي سان عالمي برادري کي گمراهه ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏبي.پاڪستان ۽ چين سميت سموري دنيا ڪشميرين سان گڏ آهي، انهن جي حق کي تسليم ڪري ٿي،.

هوڏانهن ڄمون ۽ ڪشمير هيومن رائٽس موومينٽ هندوستان جي جاري ظلم جا تفصيل جاري ڪيا آهن جنهن موجب 1947کان وٺي گذريل سال جي پڄاڻي تائين پنج لک ماڻهون شهيد ۽ 9 هزار 9 سئو 88 عورتن جي بي حرمتي ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ڇيو ويو آهي ته علائقي ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي ڪا حد نه رهي آهي.وادي ۾ گمنام قبرن جو انگ 5 هزار 900 کان وڌي ويو آهي،10 هزارن کان وڌيڪ ماڻهون گم ٿيل آهن، جڏهن ته هڪ لک ڏه هزار ٻار يتيم ٿي چڪا آهن،هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار آهن. وادي ۾ هندوستان جا جوڙيل ڪارا قانون لاڳو ٿيل آهن.هزارين ماڻهون جيلن م قيد ڪيل آهن، ڪشمير جي وادي م هلندڙ ظلم جي ڪري اڪثر اتان لڏپلاڻ ٿيندي رهي ٿي.ڪيترا ئي خاندان متاثر ٿيڻ  بعد مهاجر ڪئمپن ۾ ۽ پاڪستان  ۾ پناهگير ٿي ڪري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.