سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جي مدد کانسواءِ اڻپوريون آھن

دلشاد ڀٽو جي پوسٽ

ڪامريڊ ڄام ساقي ڪچھري ۾ ٻڌايو هو ته”مون محترمه بي نظير ڀٽو کي چيو ته اسٽيبلشمينٽ ڪمزور ھئي تڪڙو اقتدار نه وٺو ھا ته ڪجھه اوھانجا شرط قبول ٿي وڃن ھا“۔جواب ۾ محترمه بي نظير چيو اڃا 6 مھينا اقتدار نه وٺان ھا ته پارٽي وارا ۽ وڏيرا سڀ ڀڄي وڃن ھا۔مخالف ڌر جون سياسي پارٽيون ھر ٽن مھينن کانپوءِ پنھنجي لفافا صحافين کي ڏئي، ڊيل جون خبرون ان ڪري ھلرائينديون آھن ته جيئن ووٽر ۽ پارٽي ڪارڪن کي به آسرو ھجي متان ڪارڪن۔پارٽي عھديدار ۽ چونڊيل نمائيند اقتداري پارٽي ڏانھن ڀڄي نه وڃن۔ان ڪري پنھنجي پارٽي وارن کي آسرو ۽ داٻو ڏيڻ لاءِ ڊيل جا شوشا ڇڏبا آھن۔تازو نواز شريف سان اسٽيبلشمينٽ جي ڊيل جون ڳالھيون ھلن پيون۔ان کان اڳ به اھڙا شوشا ڇڏيا ويا پر جنرل باجوه سختي سان ترديد ڪئي ته فوج آئيني طور حڪومت پٺيان بيٺل آھي۔ن ليگ جي زبير عمر به جنرل باجوه سان ڊيل لاءِ نواز شريف جي اجازت سان ملاقات ڪئي پر جنرل باجوه کيس جواب ڏنو ته فوج سياست ۾ نه ايندي ۽ نه ئي اسان کي سياست ۾ گھليو۔عدالتن کي منھن ڏيو۔فوج ڪا به مداخلت نه ڪندي۔پي ڊي ايم۔ن ليگ۔پ پ سڀ ھر ٽن مھينن ۽ خاص ڪري ڊسمبر مھيني ۾ عوام کي نويد سڻائيندي آھي ته عمران خان حڪومت نئين سال جو سج نه ڏسندي۔اليڪشن جي تياري ڪريو۔قومي حڪومت ٿي ٺھي وغيره۔پ پ۔ن ليگ يا مولانا فضل جڏھن به حڪومت وڃڻ جي ڳالھه ڪئي آھي ته مون ھميشه چيو آھي ته اسٽيبلشمينٽ جي آخر مجبوري ڪھڙي آھي جو عمران خان کي ڪڍي زرداري ۽ نواز شريف کي آڻين؟عمران خان کي لاھڻ جو آئيني طريقو سندس نا اھلي يا بي اعتمادي رٿ آھي۔فوج اقتدار تي قبضو نٿي ڪري سگھي۔ارڙھين ترميم ۾ کيس پابند ڪيو ويو آھي۔اپوزيشن اندر پاڻ ۾ ٻڌي نه آھي۔عمران خان خلاف ”سليڪٽو“ وغيره جي واويلا جو مطلب آھي فوج سندس تختو اونڌو ڪرڻ ۾ اپوزيشن جي مدد ڪري۔اپوزيشن ۾ مولانا فضل الرحمان۔مريم نواز ۽ بلاول زرداري ڪيترا دفعا ھڪٻئي خلاف بيان ڏئي چڪا آھن ۽ ھر پارٽي سربراھ جنرل باجوه جي فون جي انتظار ۾ آھي جڏھن فوج جو سنتري به فون ڪال نٿو ڪري ته نام نھاد جمھوري پارٽيون مخصوص لفافا صحافين کي ڏئي کانئن ڊيل جون خبرون ھلرائين ٿيون ۽ آخر فوجي ترجمان کي وضاحت ڪرڻي پوي ٿي۔جنھن سان سياسي پارٽين جي صفن ۾ مايوسي پيدا ٿئي ٿي.نواز شريف ۽ سندس ڌي عدالت طرفان تاحيات نا اھل ۽ سزا يافته آھن۔شھباز شريف ۽ سندس پٽ کي سزا لڳندي۔زرداري به نا اھل ٿي ويندو باقي بلاول زرداري ۾ ڪو لڇڻ نه آھي۔سنڌ ويچاري وٽ متبادل قيادت نه آھي۔ڪراچي سميت سنڌ جي وڏن شھرن ۾ اردو۔پنجابي۔پٺاڻ لساني ۽ مذھبي بنيادن تي سيٽون ڪڍندا ۽ سنڌ ۾ پ پ کي کٽڻ باوجود کليل ڇوٽ نه ملندي يا اپوزيشن پارٽي ۾ ويھندي۔وري سنڌين جي احساس محرومي جو راڳ ڳائيندي۔طاقتور ڌريون جيڪڏھن خارجي چيلينجن کي منھن ڏئي سڌا ٿيا ته پ پ جي رڙين کي ٻڌندا به ڪو نه ۽ نه وري سنڌين جي آواز کي ورنائيندا۔ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ڀوتار اقتدار جا بکيا آھن۔مڇي وانگر ڦٿڪندا۔ڇا جي جمھوريت ؟ ڇا جو ڀٽو؟ لٺ ڦري ته سڀ حڪومت جي پاسي۔زرداري شڪر ڪري جو سندس نا اھل ۽ ڪرپٽ حڪومت ۾ به اسٽيبلشمينٽ مداخلت نه ٿي ڪري ۽ جيڪڏھن ڏنڊو گھميو ته يوسي چيئرمين ڀڄي ويندا. ڀل ڪنھنجي به حڪومت ھجي ضرور شامل ٿيندا۔

هڪ وسيلن تي قبضا مٿان وري نمڪ پاشي!

تون ڳالهه ڪرين ٿو ذلفن جي، مان اڻڀن اڻڀن وارن جي،

تون ڪوڪ سڻين ٿو ڪوئل جي، مان پيٽ بکايل ٻارن جي.

 

هنن جي سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيڻ ۽ لٽ مار جي ڪري سنڌين جي اقتصادي حالت خراب ٿي آهي. وري هو سنڌين مٿان نمڪ پاشي ۽ چٿرون به ڪن ٿا. گذريل مني صدي هنن سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪندي جاوا ڪيا آهن. هاڻ پيٽ ڀرائي جو ڳالهائين ٿا. هنن جي اچڻ کان اڳ سنڌي خوشحال، پرامن ۽ اڳتي وڌندڙ هٽي.

پر هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته هو سنڌي ادب به چڱو چوکو پڙهن ٿا. سياسي ادب ۽ سنڌ جي تاريخ پڙهن ٿا. سنڌي سڀ سمجهن ۽ ڳالهائي به سگهن ٿا. تنهن ڪري اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪي ڪجهه اسان سنڌي ۾ لکون ۽ ڳالهايون ٿي اهو سڀ ڪجهه هنن تائين پنهنجي به ٿو ۽ هو اهو سڀ ڪجهه سمجهن ۽ پڙهن به ٿا. هنن سان اسان پنهنجي ڌرتي تي هوندي به هنن جي ولائتي ٻولي هندستاني مني صدي کان ڳالهائيندا رهيا آهيون. هاڻي هي به سنڌ ۾ رهندي، ڌرتي ڌڻين سنڌين ۽ سنڌي ٻولي سان جاري رکيل بغض ختم ڪندي سنڌي ٻولي ۾ عام ڳالهائين. اهو ئي هنن جي بهتر مفاد ۾ آهي. نه ته سنڌي ٻولي نه ڳالهائيندڙن کي سنڌ ڌرتي اوڳاڇي اڇلائي ڇڏيندي آهي. عربي ۽ فارسي سنڌ ۾ هزار سالن کان مٿي مڙهيل هيون. اڄ سنڌ ۾ عربي، فارسي ڳالهائيندڙ هڪ ڪٽنب به نه ملندو.

هنن پنهنجي ڌرتي تي پنهنجي ئي هندستاني ٻولي سان هٿ چراند ڪندي، ان ۾ بگاڙ آڻي، ان کي ترڪ ٻولي جي لفظ اڙدو جي نالي سان سڏڻ شروع ڪيو ته جيئن سندن خصيص اقتصادي ۽ سرڪاري ملازمتن جي والار جار ي رهي. انت نتيجي ۾ سندن ڌرتي ۽ اتان سندن هم زبان ماڻهن هنن کي اوڳاڇي ٻاهر اڇلايو.

اسان کين سندن ئي مفادن ۾ چئون ٿا ته سنڌ ۽ سنڌين خلاف پنهنجا بڇڙائپ وارا ڪم ڇڏيو. تعصبي ۽ سنڌين خلاف لڳايل زهريلا پوسٽر لاهيو ۽ پنهنجي بڻ بڻياد تي نظر رکو ۽ انجو جائزو وٺو. پاڪستان ٺهڻ کان پنهنجي ابتر حالتن کي به ڏسو. سنڌ ۾ اچي پنهنجي پيٽ ڀرائي جو به جائزو وٺو. پنهنجي مستقبل جي محدود امڪانن کي به پرکو. ڄياڙي هڻڻ بند ڪيو. . سنڌي دماغ سان سوچيو، ان سان پاڻ کي ٺهڪائي هلو ۽ حالتن جي نزاڪتن کي سمجهو. تاريخ جي رک کي ڏسو. وقت ڦرندي وقت ناهي لڳندو.

هن ڌرتي تي رهندي سنڌي زبان اختيار ڪريو. ٽوڪو، چٿرون ۽ پيٽ ڀرائي جا آواز ڏيڻ بند ڪيو. پيٽ بکايل ٻارن جي رنج، آهن ۽ غضب کان ڊڄو. نه ته راهي ٿيو رڻ جي سفرن لاء ِتيار ٿيو.

ارشد خاصخيلي جي پوسٽ

وارھ گزيٽئر ڇپجي ويو

انور پيرزادي صاحب جي زندگي جي آخري اسائنميٽ وارھ گزيٽئر ھئي جنھن کي ڪتابي شڪل ۾ ڏسي بيحد خوشي ٿي آھي ،منظورمارفاڻي صاحب کي ان تاريخ ساز ڪم جي دل جي گھراين سان مبارڪباد ڏجي ٿي

زرار پيرزادي جي پوسٽ

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.