ناظم جوکيو ، تانيا جا وارث ۽ پي ڊي پي انصاف لاءِ گڏٿي ويا، جدوجهد جو اعلان

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) شهيد ناظم جوکئي ۽ تانيا خاصخيلي جي وارثن انصاف نه ملڻ جي شڪايت ڪندي چيو آهي ته ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌا پيا وڃن، دٻاءُ وجهندڙ به قتل ۾ برابر جا شريڪ آهن. پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي چيئرمين الطاف شڪور شهيد ناظم جوکيو جي گهرواري شيرين جوکيو، امڙ جميلا جوکيو، شهيد تانيا خاصخيلي جي امڙ خورشيد بيگم ۽ ويرو ڪولهڻ ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداراڻي نظام سبب عام ماڻهو غلامي واري زندگي گذاري رهيو آهي بااثر سردار غريب ماڻهن کي جانورن جيان قتل ڪري گهمي ڦري رهيا آهن، پوليس سندن غلام بڻيل آهي جيئن چاهين ٿا تيئن ڪري رهيا آهن، پاسبان جي چيئرمين الطاف شڪور چيو ته شهيد ناظم جوکيو جي قتل کي ٽي مهينا ٿي ويا آهن پر پوليس هن مهل تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي . سنڌ اسيمبلي ۾ قاتل ايم پي ايز کي پروڊڪشن آرڊر ذريعي اسيمبلي ۾ گهرايو پيو وڃي جيڪا عوام جي ووٽ جي توهين ۽ زيادتي آهي، هن چيو ته ناظم جوکيو جي گهرواري ۽ امڙ کي انصاف ڏيارڻ لاءِ اسان ميدان تي لٿا آهيون. ناظم جوکيو جي گهرواري ۽ سندن ٻارن جي ڪفالت سان گڏ قانوني مدد فراهم ڪنداسين. ناظم جوکيو جي ڪيس جي پوئيواري ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جو وڪيل خرم لاکاني ڪيو آهي، هن چيو ته تانيا خاصخيلي جي والده گذريل پنجن سالن کان انصاف لاءِ در در جا ڌڪا کائي رهي آهي. هن چيو ته آئون چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪيان ٿو ته قتل جو ڪيس ٽن مهينن ۾ اڪلايو وڃي ته جيئن قاتلن کي سزا ملي سگهي ۽ مظلوم کي حق انصاف ملي سگهي، شيرين جوکيو چيو ته آئون ميڊيا سميت پاسبان جي اڳواڻن جي شڪر گذار آهيان جن منهنجي حوصلا افزائي ڪئي آهي، هن چيو ته منهنجي مڙس جي قتل کي ٽي مهينا ٿي ويا آهن پر جوابدار ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم، نياز سالار، سليم سالار ۽ ٻيا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. آئون موت قبول ڪندس پر ڪيس تان هٿ نه کڻندس، هڪ سوال جي جواب ۾ شيرين جوکيو چيو ته آئون وزيراعظم عمران خان جي شڪر گذار آهيان جنهن نئين جي آءِ ٽي ٺاهي آهي آئون وفاقي وزير شيرين مزاري جي شڪر گذار آهيان جنهن منهنجي مڙس جو ڪيس سينيٽ ۾ اٿاريو . هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران مونکي رينجرز جي سيڪيورٽي ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي سنڌ حڪومت به پوليس جي سيڪيورٽي ڏني پر آئون غريب عورت آهيان سيڪيورٽي جو خرچ برداشت نٿي ڪري سگهان ان ڪري مون سيڪيورٽي نه ورتي آهي.شهيد ناظم جوکيو جي امڙ جميلا چيو ته آئون سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ٿي ڪيان ته منهنجي پٽ جي قتل ۾ ملوث ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم، نياز سالار جيڪي ٻاهرين ملڪ فرار ٿي ويا آهن انهن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، شهيد تانيا خاصخيلي جي امڙ چيو ته آئون ناظم جوکيو جي گهرواري ۽ امڙ سان اظهار همدردي لاءِ آئي آهيان منهنجي نياڻي کي جهانگارا ۾ پنج سال اڳ نوحاڻي سردار جي ماڻهن بيگناهه قتل ڪيو،  انصاف ڪرڻ بجاءِ اڄ به ڌمڪيون ملي رهيون آهن . ويرو ڪولهڻ چيو ته اسان سڀ شهيد ناظم جوکيو جي گهرواري ۽ سندس ٻچن سان گڏ بيٺل آهيون. ان موقعي تي پاسبان اڳواڻن عزيز فاطمه، اعظم منهاس، محمود خان ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.