ڪراچي مان علي وزير جي وڪيل جو پٽ کنڀجي ويو، وڪيلن ۽ پي ٽي ايم جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب تي وڪيل قادر خان جي گهر ٿي ڇاپي ۽ پٽ کي کنڀڻ واري واقعي خلاف وڪيل برادري ۽ پي ٽي ايم جو جو گڏيل احتجاجي مظاهرو، ڪراچي بار جو اڳوڻو جنرل سيڪريٽري، عامر وڙائچ، بلوچ قومپرست اڳواڻ ماما قدير بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، وڪيلن ۽ پي ٽي ايم جي اڳواڻ چيو ته رات دير سان وڪيل قادر خان جي گهر تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڇاپو هڻي، سندس پٽ کي گم ڪري ڇڏيو آهي،  وڪيل قادر خان پاڪستان جي پاسداري ڪندڙ اين اين اي علي وزير جو وڪيل آهي وڪيل قادر خان جي گهر تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران چڙهائي ڪري ۽ سندس پٽ کي کنڀي گم ڪرڻ کانپوءِ سوسائٽي ۾ مايوس پيدا ٿي وئي آهي، وڪيل قادر خان جي پٽ چيو  آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گهر تي چڙهائي ڪري ڀاءُ کي کڻي ويا ۽ منهنجي ننڍي ڀيڻ کي ڌڪا ڏنا ويا پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري ڊيوٽي انچارج  چيو ته توهان جو ڪيس داخل نه ٿا ڪري سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.