ٺل ۾ ڇاپو، پاڻ هٿ، گودام سيل

ٺل(رپورٽ: نماڻو نوناري) ٺل ۾ واپارين پاران يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، سرڪاري ريٽ جي خلاف ورزي ڪندي واپاري 25 سئوُ کان ٽي هزار ۾ في ٻوري وڪرو ڪيون پيون وڃن،  ان ڏس ۾ آبادگارن پاران اسسٽنٽ ڪمشنر ٺل عبدالخالق ڀنگوار کي ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون جنهن خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر ٺل عبدالخالق ڀنگوار پاران ڀلاڻڪي مارڪيٽ ۾ سيٺ ڪوڙي مل جي گدام تي ڇاپو هنيو جتي يوريا ڀاڻ پڻ مليو جتي اي سي پاران گدام کي سيل ڪري ڇڏيو رابطو ڪرڻ تي اي سي ٺل عبدالخالق ڀنگوار ٻڌايو ته يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي جنهن جون آبادگارن شڪايتون پڻ ڏنيون ڪاروائي دوران ڪجهه ڀاڻ جون ٻوريون مليون پر اسان جي ڇاپي کان اڳ ئي ڀاڻ گدام مان ڪڍيو ويو،  جنهن جي جانچ ڪري رهيا آهيون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.