راڻا شميم خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي ملتوي

اسلام آباد (م ڊ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف جج گلگت بلتستان راڻا شميم جي حلفي بيان جي خبر شايع ڪرڻ تي جوابدارن جي خلاف توهين عدالت جي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي، هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي چيف جج گلگت بلتستان راڻا شميم جي حلفي بيان جي خبر تي توهين عدالت جي ٻڌڻي ٿي. اٽارني جنرل خالد جاويد خان عدالت جي سامهون پيش ٿيو ۽ چيو ته منهنجو پهرين ڏينهن کان موقف هو ته هن ڪيس ۾ راڻا شميم مُک جوابدار آهي. 3 صحافين جو معاملو ثانوي آهي. انصار عباسي يا عامر غوري جو ادارو هڪ بيان وڌائي بيان ڪري رهيو آهي اهو بيان هڪ خاص لاءِ جاري ٿيو آهي جيڪو عدالت جي سامهون به ناهي. اڄ انصار عباسي ۽ عامر غوري چيو ته جيڪڏهن بيان جي شڪل ۾ هجي ها ته اسين نه ڇاپيون ها، اداري لاءِ اهو تاثر ختم ڪرڻ گهرجي ته هو ڪنهن بيان کي وڌائي بيان ناهن ڪري رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.