سليڪٽڊ جو صحت ڪارڊ ڪوڙو ۽ دوکو آهي: شازيا مري

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته   وفاقي حڪومت خلاف پيپلز پارٽي  جي لانگ مارچ واري سڏ تي27 فيبروري تي قوم بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ بيٺي ھوندي، نالائق ۽ نااھل وزيراعظم غريب عوام جي زندگي مشڪل بڻائي ڇڏي آهي ان لاءِ ضروري آهي ته ملڪ کي وڌيڪ تباهي کان بچائڻ لاءِ  تباهي خان کي اقتدار کان ھٽائڻو پوندو، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شازيا مري وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداي ملڪ ۽ عوام کي مشڪلاتن کان ڪڍڻ جي صلاحيت رکي ٿو جڏهن ته نوجوان مايوس نه ٿين شھيد راڻي جو پٽ انھن جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي ـ ھن چيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم جو ھر صحت ڪارڊ ڪوڙو ۽ عوام سان دوکو آهي ۽نالي ماتر صحت ڪارڊ سان  دوائون نٿيون ملن جڏهن ته ملڪ اندر غريب عورتن جي اڄ به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي مالي معاونت ٿي رھي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.