پورهيتن لاءِ امدادي ۽ طبي علاج يقيني بڻايو وڃي: امتياز شيخ

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ سان مائن اونرز ايسوسيئيشن جي وفد ڪالهه توانائي کاتي جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ جي صدارت هيٺ مائنرز  ورڪرز جي صحت ۽ حفاظت بابت اجلاس ٿيو .اجلاس ۾ سيڪريٽري توانائي سنڌ ابوبڪر مدني ۽ کاتي جي ٻين آفيسرن کان علاوه سنڌ ۾ مائننگ ڪمپنين جي مالڪن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪم ڪندڙ مائنرز  ورڪرز جي صحت ۽ حفاظت کي خاص اهميت ڏئي ٿي ۽ حڪومت سخت ترين حالتن ۾ محنت ڪري ڪم ڪندڙ مائنرز ورڪرز کي تحفظ ڏيڻ چاهي ٿي، ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جي صورت ۾ کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي. پورهيتن لاءِ امدادي ۽ طبي علاج جي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ان حوالي سان ليبر قانونن جي مڪمل پاسداري کي يقيني بڻايو وڃي. مائينرز ورڪرز جي انشورنس لاءِ به مناسب انتظام ڪيا وڃن .هن چيو ته سنڌ حڪومت مائنرز ورڪرن جي رهائش ۽ زندگي جون ٻيون بنيادي سهولتن ۽ ٻين رليف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ ڪمپنيون سي ايس آر ضابطن جي مڪمل پاسداري ڪن، جنهن جو سڌو سنئون فائدو مائينرز غريب پورهيتن کي پهچندو. سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته انتهائي خطرناڪ حالتن يعني زمين اندر مائنز ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي خاص رليف ڏنو وڃي، هن چيو ته ان مقصد لاءِ سنڌ حڪومت کي مزدور قانونن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. مزدورن جي قانونن ۾ ضروري ترميمون ڪيون وينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.