جماعت اسلامي جو سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو جاري، سراج الحق شريڪ

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جو مڪاني ترميمي بل خلاف ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو جاري آهي، ڪالهه جمعي نماز به ڌرڻي واري هنڌ پڙهي وئي، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ڌرڻي ۾ پهچي ڪارڪنن جو جوش وڌائي ڇڏيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته  ڌرڻو ڪراچي جي عوام لاءِ آهي، ڪراچي جي ترقي سنڌ ۽ پاڪستان جي ترقي آهي، هن چيو ته هي اهو بلدياتي نظام نه آهي جنهن جي تقاضا پاڪستان جو آئين ڪري ٿو، هن وقت سڄي سنڌ بدحالي غربت جي تصوير بڻيل آهي، ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي جو هتي گٽر ۽ پيئڻ جو پاڻي هڪ ئي پائيپ لائن ۾ اچن ٿا،  هنن ڪراچي، حيدرآباد کان جيڪب آباد تائين سڄي سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، هتان جا وسيلا صرف چند گهراڻن تي خرچ ڪيا وڃن ٿا. مالي ۽ انتظامي اختيارن کانسواءِ  ميئر ۽ بلدياتي نمائندن جو ڪم ڇا هوندو؟ اسان بااختيار بلدياتي نظام چاهيون ٿا. ان کان اڳ جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته اسان پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين، جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته تحريڪ جو دائرو سڄي شهر ۾ پکيڙي ڇڏيندا سين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.