بلوچستان ۾ برفباري ۽ برسات ، چمن هاءِ وي بند

ڪوئيٽا (م ڊ ) بلوچستان جي اترين ضلعن ۾ تيز برفباري ۽ برسات سبب ڪوئيٽا، چمن هاءِ وي بند ٿي ويو. بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب چمن هاءِ وي ۽ ذوب هاءِ وي کي مهتر زئي وٽ بند ڪيو ويو. ان کان علاوه زيارت، هرنائي ۽ مسلم باغ ۾ برفباري سبب مسافر ڪوچ ڦاسي پوڻ سبب مسافر سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. برفباري سبب ڪوئيٽا کان ملتان ويندڙ مسافر ڪوچ زيارت ۾ چڙهائي واري جاءِ تي بيهجي وئي، فوتين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو قلعه عبدالله چمن قلعه سيف الله ۽ زيارت ضلعن ۾ جاري برفباري جي سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ بند پيل هاءِ ويز کي جلد کولڻ لاءِ عملي ۽ مشينري فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.