ملڪ ۾ ڀاڻ جي ڪا کوٽ ناهي: حماد اظهر خسرو بختيار

اسلام آباد (م ڊ) صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار چيو آهي ته يوريا ڀاڻ جي پيداوار 10 جنوريءَ کان 4 لک 40هزار ٽن ٿي ويندي، پاڪستان ۾ يوريا جي ٻوري جي قيمت 1800 رپيا آهي. اهڙو اظهار هن توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر ۽ فرٽيلائيزر مل مالڪن سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته 10 تاريخ کان ڀاڻ جي واڌو سپلاءِ شروع ٿي ويندي، ڪورونا وائرس جي وبا سان سڄي دنيا ۾ ڀاڻ جي پيداوار متاثر ٿي آهي، چين ڀاڻ جو روانگي واپار بند ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي مؤثر قدمن سان سستي ڀاڻ جي دستيابيءَ کي يقيني بڻائيندو. فيبروري ۽ مارچ ۾ لکين ٻوريون واڌو ڀاڻ ملڪ ۾ موجود هوندو. سڄي پاڪستان ۾ ڀاڻ جي دستيابي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ملڪ ۾ ڀاڻ جي ڪابه کوٽ ناهي، ڀاڻ جي پيداوار ۽ رسد جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي. سنڌ ۾ ڀاڻ جي نگراني نٿي ڪئي وڃي. هن چيو ته اسمگل ڪيل ڀاڻ جو تعلق گهوٽڪي سان آهي. سنڌ حڪومت آبادگارن جي درد جو احساس ڪري، سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جو ساٿ ڏي. هن چيو ته آبادگارن کي 400 ارب رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي. يوريا ڀاڻ جي اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ آبادگار حڪومت جو ساٿ ڏين. هن چيو ته فيبروري ۾ يوريا جون 42 لک ٻوريون واڌو دستياب هونديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.