وزير اعظم پنهنجي اختيارن کان مٿانهون ڪم ڪيو : رضا رباني

اسلام آباد( م ڊ ) پ پ اڳواڻ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته وفاقي پارلياماني حڪومت ۾پارلياماني احتساب هڪ اهم جز آهي. هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته وزير اعظم کي اختيار ناهي ته ڪنهن کي پارليامينٽ جي سامهون پيش ٿيڻ کان روڪي. هن چيو ته وزير اعظم کي اختيار ناهي ته پارليامينٽ ۾طلب ڪنهن شخص جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي نامزد ڪري، نيب چيئرمين کي پيش ٿيڻ کان روڪي وزير اعظم پنهنجي اختيارن کان مٿانهون ڪم ڪيو آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته ڪميٽي تي رڳو چيئرمين جو ڪنٽرول هوندو آهي، ڪو ٻيو ان تي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.