دوائن جي قيمتن ۾ واڌ نه ٿيندي: چيئرمين ايف بي آر

اسلام آباد (م ڊ ) فيڊرل بورڊ آف روينيو  ايف بي آر جي چيئرمين چيو آهي ته دوائن جي قيمتن ۾ واڌ نه ٿيندي، فارماسيوٽيڪل شعبي کي وقت تي رقم واپس ملندي. سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيئرمين ايف بي آر اشفاق احمد به شرڪت ڪئي. اجلاس دوران چيئرمين ايف بي آر ٻڌايو ته ٽيڪس فري سلائي مشين جي امپورٽ ۾ غلط استعمال ٿي رهيو آهي، ان تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ان کي روڪڻ ايف بي آر جو ڪم آهي. باقي زرعي شين تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو ۽ سيلز ٽيڪس جا سمورا خال ايندڙ 5 مهينن ۾ ختم ڪيا ويندا. اشفاق احمد وڌيڪ چيو ته ايف بي آر 48 ڪلاڪن ۾ ريفنڊ ڏئي رهيو آهي ۽ ان جو ريفنڊ سسٽم 98 سيڪڙو درستگي سان هلي رهيو آهي. چيئرمين ايف بي آر چيو ته دوائن جي قيمتن ۾ واڌ نه ٿيندي، فارماسيوٽيڪل شعبي کي وقت تي رقم واپس ملندي. ايف بي آر عملدارن اجلاس کي ٻڌايو ته لوڻ تي به سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، ايئر لائنز جي عارضي امپورٽ تي به سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.