ڪراچي ۾اومي ڪرون جا وڌيڪ 30 ڪيس ظاهر

ڪراچي (رپورٽر ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اومي ڪرون جون 37 ٽيسٽون ڪرائڻ سان وڌيڪ 30 ڪيس سامهونآيا آهن، جڏهن ته ڪوروناوائرس جي 12961 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 756 نوان ڪيس سامهون آيا. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير چيو ته 2 کان 5 جنوري تائين اوميڪرون ويريئنٽ جا 37 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان وڌيڪ 30 ڪيس سامهون آيا جنهن کانپوءِ مريضن جو انگ 307 ٿي ويو. هن وڌيڪ چيو ته گهڻي ڀاڱي اوميڪرون جا ڪيس مقامي طور منتقل ٿيا آهن. روزاني صورتحال بابت رپورٽ جا تفصيل ڏيندي وڏي وزير چيو ته ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ ڪوبه مريض فوت نه ٿيو جڏهن ته  فوتين جو تعداد 7678 آهي جيڪو فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته 12961 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جنهن مان 756 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 5.8 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيل تائين 7227450 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.