وزيراعظم سان قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي ملاقات

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ملاقات ڪئي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان ۾ تحريڪ انصاف جي تنظيم سازي ۽ پارٽي اهلڪارن کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ ۽ پارلياماني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

  • ڪراچي ۾ سخت ٿڌ جي اڳڪٿي

ڪراچي (رپورٽر) موسميات کاتي سڀاڻي کان ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. چيف ميٽرولوجسٽ موجب اولهه هوائن جو سلسلو ڪراچي مان وڃي چڪو آهي. چيف ميٽرولوجسٽ جو چوڻ آهي ته سڀاڻي کان ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ اها شدت 16 جنوري تائين برقرار رهي سگھي ٿي. چيف ميٽرولوجسٽ موجب 16 جنوري کان پوءِ اولهه هوائن جو هڪ ٻيو سلسلو ايران جي رستي بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي.

  • ملڪ ۾ روزاني 25،000 ٽن يوريا جي پيداوار ٿيندي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ روزاني 25،000 ٽن يوريا جي پيداوار ٿيندي آهي جيڪا اسان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، جيڪي ماڻهو هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ ۾ ملوث آهن انهن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن ملڪ ۾ ڀاڻ خاص طور تي يوريا جي گهرج ۽ پهچ جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل سال ملڪ ۾ ڪڻڪ، ڪمند، ڪپهه ۽ مڪئي جا رڪارڊ بمپر فصل پيدا ٿيا ۽ حڪومت جي زراعت دوست پاليسين جي ڪري مالي سال 21 -2020ع ۾ آبادگارن 822 ارب روپيا اضافي آمدني حاصل ڪئي.

  • گھگھر ڦاٽڪ ۾ ڦر مزاحمت تي 1 ڄڻو زخمي

ڪراچي  ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي گھگھر ڦاٽڪ بسم الله مارڪيٽ جي ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن فائرنگ ڪري ھڪ ڄڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو زخمي کي علاج لاءِ جناح  اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس جي سڃاڻپ فھد ولد ظفر الله طور ٿي آهي جنهن جي عمر 32 سالن ٻڌائي پئي وڃي.

  • پاڪستان ۽ عمان مذهبي ۽ ثقافتي هڪجهڙائي ۾ ڳنڍيل آهن: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد (م ڊا) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان مذهبي ۽ ثقافتي هڪجهڙائي ۾ ڳنڍيل آهن، ٻئي ملڪ پنهنجي جاگرافيائي ويجهڙائي کي سامهون رکندي اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ سياحت جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي فروغ لاءِ قدم کڻي سگهن ٿا، پاڪستان عمان لاءِ وچ ايشيائي رياستن تائين گيٽ وي آهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين انجنيئر ريڌا الصالح جي قيادت ۾ واپاري وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو.

  • نوڪري جو دوکو ڏئي ملازمه جي لڄ لٽڻ واري ڪيس ۾ جاچ آفيسر کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)مقامي عدالت ۾ نوڪري جو دوکو ڏئي گهريلو ملازمه جي زيادتي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت جاچ آفيسر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 10 جنوري تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته جاچ آفيسر شاهدن جو بيان قلمبند نه ڪيو آهي، جوابدار قمرالدين ضمانت تي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.